Friday , March 29 2024

گڏيل قومون ڪشميرين تي ڀارتي ظلم جي جو نوٽيس وٺن:پاڪستان جو مطالبو

ڀارت والاريل ڪشمير بابت مونجهارو ۽ غلط ڄاڻ پکيڙي پنهنجون ڪريل حرڪتون لڪائڻ چاهي ٿو:وزيراعظم

اسلام آباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ڪشميرين جي حمايت جاري رکڻ، ڀارت جي هر قسم جي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جو عزم ورجائيندي گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو آهي ته، والاريل ڪشمير ۾ ڪشميري عوام تي ڀارتي ڏاڍ ۽ جبر جو نوٽيس ورتو وڃي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي سلامتي ڪائونسل جو جلاس ٿيو، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، ايئر چيف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي نيول چيف، ڊي جي آءِ ايس آءِ، بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ڪشمير معاملن جي وزير، پرڏيهي سيڪريٽري سميت  لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي. قومي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته، اجلاس دوران ڪشمير ۾ تيزي سان خراب ٿيندڙ صورتحال تي غور ويچار بعد اتفاق ڪيو ويو ته ڀارت پاڪستان کي ڀڙڪائڻ لاءِ ايل او سي تي شهرين مٿان ڪلسٽر بم استعمال ڪري رهيو آهي. پاڪستان ڪشميرين جي سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو، پڌرنامي ۾ چيو ويو ته والاريل ڪشمير ۾ واڌو ڀارتي فوج جي مقرري ٻرندي تي تيل هارڻ برابر آهي.

پڌرنامي موجب اجلاس دوران چيو ويو ته ڀارت والاريل ڪشمير بابت مونجهارو ۽ غلط ڄاڻ پکيڙي پنهنجا ڪريل حرڪتون لڪائڻ چاهي ٿو. پڌرنامي ۾ چيو ويو ته ڀارت پنهنجا ڪڌا حربا ڇڏي تڪرار جي پرامن حل لاءِ اڳتي وڌي. ڀارتي قدمن سان والاريل ڪشمير جي صورتحال انتهائي خراب ٿي رهي آهي. اجلاس دوران وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڪشميرين جي خواهشن موجب ڪشمير مسئلي جو حل چاهي ٿو. پاڪستان ڪشميرين سان سدائين گڏ آهي، کين ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندو. عمران خان چيو ته پاڪستان ڪنهن به ڀارتي اڳرائي جو پوري قوم جي حمايت سان منهن ڏيندو. ان کانسواءِ وزيراعظم عمران خان ڀارتي اڳرائين ۽ والاريل ڪشمير جي صورتحال بابت ٽوئيٽس ڪندي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڪلسٽر بمن جي استعمال جي سخت لفظن جي مذمت ڪئي، وزيراعظم چيو ته ڀارت ڪلسٽر بمن جو استعمال ڪري 1983 واري معاملي جي پنهنجي ئي وعدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل عالمي امن ۽ سلامتي کي پيش ايندڙ خطرن جو نوٽيس وٺي، عمران خان هڪ ٽوئيٽ ۾ لکيو ته هي وقت آهي ته والاريل ڪشمير جي عوام جي ڊگهي اذيت ناڪ رات جو خاتمو ٿئي. گڏيل قومن جي ٺهرائن جي روشني ۾ ڪشميرين کي پنهنجو خودمختياري جو حق استعمال ڪرڻ جي آزاد هئڻ گهرجي. عمران خان چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ سلامتي جو واحد رستو رڳو “پرامن ڪشمير“ مان گذري ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *