Thursday , March 28 2024

گڏيل قومن اسلامو فوبيا خلاف ٺهراءُ منظور، عالمي ڏينهن ملهائڻ جو اعلان

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ    سنڌسماءَچار) گڏيل قومن اسلاموفوبيا خلاف ٺهراءُ منظور ڪندي 15 مارچ کي عالمي اسلاموفوبيا جي خاتمي جو ڏينهن طور ملهائڻ جو به اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ او آءِ سي پاران پاڪستان جي پيش ڪيل قرارداد منظور ڪئي وئي. پرڏيهي خابرو اداري اَي اَيف پي موجب، يو اين او جي جنرل اسيمبلي ۾ عالمي سطح تي برداشت ۽ امن جي روايتن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ 15 مارچ تي سڄي دنيا ۾ ” اسلاموفوبيا جي خاتمي جو ڏينهن “ قرار ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

اهڙو ٺهراءُ او آءِ سي جي 57 ميمبر ملڪن سان گڏ چين ۽ روس سميت ٻين 8 ملڪن جي حمايت سان پيش ڪئي وئي. ٺهراءُ ۾ مذهب يا عقيدي جي بنياد تي ماڻهن تي هر قسم جي تشدد واري عمل، عبادت گاهن ۽ مزارن سميت مذهبي هنڌن تي اهڙي عمل کي اڻوڻندڙ قرار ڏنو ويو آهي. ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته اهڙو عمل عالمي قانون خلاف آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم چيو آهي ته، دنيا ۾ اسلاموفوبيا هڪ حقيقت آهي، جنهن کان ڪنهن به صورت ۾ انڪار نٿو ڪري سگهجي، جنرل اسيمبلي جي 193 ميمبرن جي نشاندهي تڪئي آهي ته اهو رويو تيزي سان وڌي رهيو آهي، جنهن کي روڪڻ انتهائي ضروري آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *