Friday , April 19 2024

گڏيل عرب امارات اسرائيل کي تسليم ڪري ورتو، هڪٻئي جون سفارتي آفيسون به قائم ڪندا

اسرائيل ۽ گڏيل عرب امارات پاران مستقبل ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ ڪاروباري شراڪتداري تي به اتفاق

واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌسماچار) گڏيل عرب امارات ( يو اَي اِي ) اسرائيل کي عملي طور قبول ڪري ڇڏيو آهي، يو اَي اِي اسرائيل ۾ ۽ اسرائيل يو اَي اِي ۾ سفارتي آفيسون به قائم ڪندا، معاهدي جي آمريڪا پاران آجيان، ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته معاهدو عالمي سطح تي وڏي تبديل آهي. گڏيل عرب امارات ۽ اسرائيل وچ ۾ ٿيل معاهدي مطابق اسرائيل ۽ يو اَي اِي گڏيل طور تي ٻطرفن لاڳاپن لاءِ ٻئي ملڪ گڏجي روڊ مَيپ به ٺاهيندا، جيئن ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪري اڳتي وڌائي سگهجن.

معاهدي ۾ چيو ويو آهي ته، اسرائيل سان امن ڪندڙ ملڪن جا مسلمان والاريل بيت المقدس اچي مسجد اقصيٰ ۾ نماز پڙهي سگهندا. عالمي خابرو ادارن جي رپورٽس مطابق معاهدي تحت اسرائيل والاريل اولاهين ڪناري وارن علائقن کي پاڻ ۾ ضم ڪرڻ وارن سمورن منصوبن کي معطل ڪندو. يو اَي اِي  جي اسرائيل سان ڪيل معاهدي موجب گڏيل عرب امارات ۽ اسرائيل وچ ۾ سيڪيورٽي ۽ توانائي جي شعبي ۾ سهڪار کي هٿي ڏني ويندي جڏهن ته ٻئي ملڪ اڳ ئي ڪيترن ئي شعبن ۾ سهڪار ڪري رهيا آهن.

ان سلسلي ۾ آمريڪا ۾ مقرر يو اَي اِي جي سفير هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اها اڳڀرائي سفارتڪاري ۽ خطي لاءِ فتح آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٻنهي ملڪن وچ ۾ امن معاهدي جو اعلان ڪندي معاهدي کي وڏو بريڪ ٿرو آهي. ٽرمپ ٽوئيٽ ڪندي چيو ته اسان جي ٻن دوست ملڪن ۾ تاريخي امن معاهدو ٿي ويو آهي، ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ اسرائيل ۽ يو اي اي سيڙپڪاري، سياحت، اڏامن، سلامتي، سفارتخانا قائم ڪرڻ سميت ٻه طرفن معاهدن تي صحيحون ڪندا جڏهن ته ٽرمپ آمريڪا، يو اي اي ۽ اسرائيل پاران جاري ڪيل گڏيل بيان به پوسٽ ڪيو. گڏيل بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو، ابوظهبي جي ولي عهد ۽ يو اي اي جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر شهزاده محمد بن زايد النهيان اميد ظاهر ڪئي آهي ته هي تاريخي اڳڀرائي وچ اوڀر ۾ امن کي اڳتي وڌائيندي. جڏهن ته اسراِئيلي وزيراعظم امن معاهدي کي تاريخي ڏينهن قرار ڏئي ڇڏيو. هوڏانهن فلسطين جي تنظيم حماس اسرائيل ۽ يو اي اي جي معاهدي جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته يو اي اي جو اسرائيل کي تسليم ڪري سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ قابض قوت کي ان جي ڏوهه جو انعام ڏيڻ آهي. واضح رهي ته هيل تائين اسرائيل جا ڪنهن به نار واري عرب ملڪ سان سفارتي لاڳاپا ناهن پر ايران جي علائقي ۾ اثر رسوخ سبب ڌرين ۾ غيرسرڪاري رابطا ٿيندا رهيا آهن، 1948ع ۾ اسرائيل جي قيام جي اعلان بعد ڪنهن عرب ملڪ پاران هي ٽيون معاهدو آهي، ان کان اڳ مصر 1979 ۽ اردن 1994ع ۾ اسرائيل سان امن معاهدو ڪيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *