Thursday , April 18 2024

گڏاپ: 50 بسترن تي مشتمل اسپتال 12 سالن کان بند پيل،ذميوار ڪير؟؟

    Gadap Hospital 5

گڏاپ ۾ 12 سالن کان بند پيل اسپتال جي سنڌ حڪومت وارثي نه ڪري سگهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اسپتال ۽ ان ۾ پيل سامان تابهه ٿي رهيو آهي. گڏاپ ٽائون ۾ 2005 ۾ قائم ٿيل 50 بسترن واري اسپتال جنهن جو افتتاح 4 سالن بعد 2009 ۾ تڏهوڪي سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال ڪيو هو اها 12 ورهين کان بند پيل آهي، جيڪا هاڻي ڀوت بنگلي ۾ تبديل ٿيندي پئي وڃي.

Gadap Hospital2

ڪروڙين رپين جي لاڳت سان قائم ٿيل اسپتال ۽ ان ۾ پيل لکين رپين جو سامان تباهه ٿي رهيو آهي، پر سنڌ حڪومت کي ان اسپتال کولڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ٿي رهي آهي. اسپتال بند پيل هجڻ ڪري گڏاپ جي ٻهراڙي وارن علائقن جا ماڻهو صحت جي سهولتن کان وانجهيل آهن ۽ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان قائم ڪيل اسپتال عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل آهي. اسپتال جي عمارت هاڻي علائقي ۾ ڀوت بنگلي جي نالي سان مشهور ٿيندي پئي وڃي.

Gadap Hospital4Gadap Hospital3

گڏاپ سٽي ،ڪونڪر پٺاڻ ڳوٺ سميت علائقن ۾ قائم ڳوٺن ۾ اھي سموريون اسپتالون عوام لاء بي لاڀ بڻيل آھن -ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو فرض انجام ڏيڻ بدران گڏاپ جي مختلف علائقن ۾ پنھنجي پرائيويٽ ڌنڌن ۾ مصروف آھن ڪيترائي ڊاڪٽر فرض سرانجام ڏيڻ دوران پرائيويٽ ڪلينڪون کولي ويٺا آھن پر انھن کان ڪير پچڻ وارو ناھي – گورنمينٽ بيسڪ ھيلٿ سينٽرز کي ھر وقت تالا ئي لڳل آھن ذريعن جو چوڻ آھي ته ڄاڻايل اسپتالن ۾  ھر مھيني سرڪاري دوائون به موڪليون وڃن ٿيون،جيڪي ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو ملي ڀڳت ڪري وڪرو ڪري پنھنجو پيٽ ڀرين ٿا ،ھتان جي رھواسين حاجي اسلم جوکيو۔محمد عثمان جدگال،لال محمد بروھي،نادر حسين برفت ،وڏيرو حيدر علي شيدي،حاجي اشرف جوکيو ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو تہ وارڊ بواء کان وٺي ڊاڪٽرن تائين سڀ عملو مقرر آھي پر ڊيوٽي ڏيڻ لاء تيار ناھن ھيلٿ کاتي جي آفيسرن سان ملي ڀڳت ڪري 40سيڪڙو پگھار آفيسرن کي ڏيئي پاڻ پرائيويٽ اسپتالون ھلائين ٿا ،ھنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ،صيحت کاتي جي صوبائي وزير ،ھيلٿ سيڪريٽري ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته غير حاضر رھندڙ عملي خلاف ڪاروائي ڪري اسٽاف مقرر ڪري عوام کي صحت جون سھولتون فراھم ڪيون وڃن،

Gadap Hospital1

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *