Friday , March 29 2024

گڏاپ جي مختلف علائقن ۾ نقلي دوائون وڪرو ٿيڻ لڳيون

گڏاپ جي علائقن ۾ سرڪاري ۽ لوڪل ڪمپنين جون جعلي  دوائون وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ،تفصيل موجب سياسي توڙي سماجي اڳواڻن پاران  لوڪل ڪمپينن جون جعلي دائون ۽  وڪرو ڪندڙ انساني قيمتي جانن سان کيندڙ کي  انسانيت جا دشمن قرار ، ڏيندي کين سخت کان  سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو
ڪراچي  ضلعي اولھ ،جي يوسي 31۽ يوسي38جي ٻھراڙي توڙي شھري علائقن گڏاپ ،جھونجار ،بروھي ڳوت لاسي ڳوٺ ،يوسف ڳوت ،خميسو ڳوٺ  ايوب ڳوٺ، ،محمدي محلا ،وزير بروھي ،فقيرا ڳوت ،سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ جعلي ۽ سرڪاري دوائون ميڊيڪل اسٽورن تي وڪرو ڪيون پيون وڃن ،جيڪي انساني جانين لاء حاڃيڪار آھن ۽نقصان رسائي سگھن ٿيون ،گڏاپ جي سياسي توڙي سماجي ۽ سڄاڻ ڌرين  پاران  سروي ،رپورٽ ۾ سرڪاري ۽ جعلي ڪمپنين جون  دوائون جي وڪري تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو آھي تہ ان ڌنڌي ۾ ملوث ماڻھن خلاف سخت ڪاروائي ڪرڻ گھرجي ۽ اھڙي قانون سازي ڪئي وڃين جو ماڻھن جي زندگين سان کيڏندڙ ماڻھو سخت سزا کان بچي نہ سگھن ،سڄاڻ ڌرين عبدالقادر ڏيپر ، سچل وڌو ،فھيم  کوکر ، ڪاشف سنڌي ،پنھل لاڙڪ،ضمير حسين خاصخيلي ،وقار گڏاڻي ،محکم الدين منگي ،۽ ٻين چيو تہ سرڪاري ۽ جعلي دوائن جي روڪٿام لاء سخت قدمن جي ضرورت آھي ،ڊرگ انسپيڪٽرن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن ۽ کاتن کي جعلي ۽ غير معياري دوائن تي ضابطو آڻڻ ۽ ماڻھن جي زندگين سان  کيڏندڙ ماڻھن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي  ھنن وڌيڪ چيو تہ جعلي دوائن ۾ ملوث ماڻھو ڪنھن بہ رعايت جا حقدار نہ آھن ،ان سلسلي ۾ ضلعي اولھ جي ڊرگھ آفيسرن ،۽ صحت کاتي ،۽ حڪومت سنڌ کي اھڙا سخت اپاء وٺڻ جي ضرورت آھي ،جن سان ان مڪروھ ڌنڌي ۾ ملوث ماڻھن کي عبرتناڪ سزا ڏئي سگھجي ،اڳواڻن وڌيڪ چيو تہ جيسيتائين قانون  تي عمل در آمد کي يقيني نہ بڻايو ويندو تيستائين سرڪاري توڙي جعلي دوائن جي تياري جو ڪم روڪي نٿو سگھجي ،معاشري جي سمورن شھرين کي گھرجي تہ ھو جعلي دوائن جي روڪٿام جي لاء لاڳاپيل ادارن سان تعاون ڪن تہ جئين انسان دشمن عناصرن کي ڪڙي کان ڪڙي سزا ڏيياري وڃي  ،

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *