Friday , March 29 2024

گورنر پاران رد ڪرڻ بعد سنڌ اسيمبلي ۾ نيب آرڊيننس جي خاتمي وارو بل هڪ ڀيرو ٻيهر منظور، نيب اسان کي وڏو پريشان ڪيو- مراد علي شاھ

Khuwaja Izhar stillMurad shah 01

سنڌ اسيمبلي نيب آرڊيننس جي خاتمي بابت گورنر پاران اعتراض لڳائي واپس ڪيل بل جي اپوزيشن جي سخت احتجاج باوجود ٻيهر منظوري ڏئي ڇڏي، صوبي ۾ نئون اينٽي ڪرپشن قانون آڻڻ لاءِ سنڌ احتساب بل 2017 غور ويچار لاءِ اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي ڪيو ويو، وڏي وزير جو چوڻ آهي ته نيب اسان سان ناانصافيون ڪيون، نيب وارا ڪرپشن جي 10 ڪروڙن مان اڍائي ڪروڙ وٺي باقي رقم واپس ڪري ڇڏيندا هئا. اپوزيشن ليڊر خواجا اظهار الحسن چيو آهي ته نيب احتساب ايڪٽ ختم ڪري نئون قانون ٺاهڻ آئين جي خلاف ۽ وفاق سان تضاد ۾ اچڻ برابر آهي.

سنڌ اسيمبلي پاران نيب آرڊيننس 1999 وارو قانون رد ڪرڻ واري بل تي اعتراض لڳائي واپس ڪرڻ بعد ساڳيو بل سنڌ اسيمبلي ٻيهر منظور ڪري ڇڏيو آهي، اپوزيشن پاران نيب آرڊيننس رد ڪرڻ واري بل جي سخت مخالفت ڪئي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته نيب اسان سان تمام گهڻيون زيادتيون ڪيون، نيب وارن صنعتن واري کاتي ۾ 10 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جي ڪيس ۾ اڍائي ڪروڙ رپيا وٺي ٻيا ڏوڪڙ واپس ڪري ڇڏيا، جن ڪرپشن ڪئي اُهي اسان سان ايوان ۾ گڏ ويٺا آهن، سياڻا سمجهي ويا. هر صوبي کي پنهنجو قانون ٺاهڻ جو آئيني ۽ قانوني حق حاصل آهي، احتساب بل ڪو به غير آئيني قدم نه آهي.

 مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجا اظهار الحسن چيو ته نيب قانون کي ختم ڪرڻ ۽ نئون صوبائي قانون آئين، قانون ۽ فيڊريشن سان تضاد ۾ اچي ٿو، جنهن جي حمايت نه ٿي ڪري سگهجي. بحث دوران اپوزيشن ليڊر وڌيڪ چيو ته، ڪجهه قانون اهڙا آهن جيڪي وفاق سان تضاد ۾ اچن اهڙا قانون صوبو نه ٿو ٺاهي. سنڌ احتساب بل ۾ حڪومت ڪرپشن کي ڪرمنل سرگرمي يا ڏوهه قرار ناهي ڏنو، دنيا ۾ ڪرپشن ڪرڻ جي ڏوهه ۾ عمر قيد جون سزائون ملي رهيون آهن. خواجا اظهار پيپلز پارٽي جي ميمبرز کي مخاطب ٿيندي چيو ته، اوهان پنج سال وفاق ۽ 9 سالن کان صوبائي حڪومت ۾ ويٺا آهيو، اوهان ڪڏهن به نيب قانون ۾ بهتري لاءِ ڪوشش نه ڪئي پر نيب سان گڏ ويهي مزا ماڻيا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *