Monday , October 3 2022
uren

گوادر ڪناري ٿيندڙ ترقي _ فهميده رياض

gawadar 1

گوادر ڪناري ٿيندڙ ترقي _ فهميده رياض

هيءَ 1992ع جي آخري ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن وزيراعظم نواز شريف گوادر فش هاربر ۽ مني پورٽ جي افتتاح جي لاءِ گوادر ويو هو. تقريب دوران ڪجهه عورتون اسٽيج جي آسي پاسي کان ۽ قناتن جي ٻاهرئين پاسي کان پنهنجون شڪايتون زور زور سان وزيراعظم جي اڳيان پيش ڪرڻ پيون چاهين. وزيراعظم عوامي ليڊر هجڻ جو مظاهرو ڪندي حڪم ڏنو ته قناتن کي هٽائي عورتن کي اڳيان آندو وڃي. اهي عورتون نه صرف اندر آيون، بلڪه اسٽيج تي به چڙهي آيون. اها بدنظمي هئي يا ٻي ڪا ڳالهه، بهرحال اهو جلسو اتي ئي ختم ڪيو ويو. هنن عورتن جا مطالبا ڇا هئا؟ ان جو جواب گوادر وڃي ملي سگهي ٿو. هن احتجاج کي تقريبا 25 سالن بعد گذريل مهيني منهنجو گوادر وڃڻ ٿيو. پاڻي، بجلي، صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي اڻهوند جي شڪايت هر شهري جي زبان تي هئي. گذريل 25 سالن ۾ ملڪ جي سياسي ۽ معاشي حالتن، ڏيهي ۽ پرڏيهي پاليسين ۾ گهڻي ڀاڱي تبديلي اچي چڪي آهي، جنهن جو محرڪ گوادر جو بندرگاهه به آهي، جنهن سان حڪومت جون مستقبل ۾ گهڻيون اميدون وابسته آهن، جيڪڏهن ڪجهه نه بدليو ته اها آهي گوادر جي عوام جي قسمت- گوادر جي قديم رهواسين ۾ هندو ۽ اسماعيلي ڪميونٽي جا ماڻهو شامل آهن. شهر جي قديم بازار پنهنجي شاندار ماضيءَ جي داستان بيان ڪري ٿي، جنهن جي شڪل سنڌ جي ڪنهن ننڍي شهر جي بازار جهڙي ئي آهي. هندو ڪميونٽي جا مندر ڊهي پٽ پئجي چڪا آهن ۽ ڪجهه زبون ٿي چڪا آهن. پر اسماعيلي ڪميونٽي جو جماعت خانو اڄ به موجود آهي. اها ڳالهه الڳ آهي ته سواءِ هڪ ٻن گهرن جي باقي سڀني کي تالا لڳل هئا. اهي گهر به ٿر جي ڏيپلو شهر جو تاثر ڏيئي رهيا هئا، جتان جي ميمڻ برادري تعليم جي ميدان ۾ زندگيءَ جي ڪاميابي ۾ اڳتي وڌندي وئي ۽ پنهنجي اباڻي شهر کان پري ٿيندي وئي. هڪڙي آغا خاني اسان کي ٻڌايو ته: هنن جي روحاني پيشوا سر سلطان پيشن گوئي ڪئي هئي ته هيءُ شهر هڪ ڏينهن وڏي اهيمت حاصل ڪندو، ان کي نه ڇڏجو. بقول هن جي اها ڳالهه سچ ثابت ٿي چڪي آهي. شهر ۾ داخل ٿيندي ئي هيوي ٽرڪ سامهون ايندا، جن تي چيني زبان ۾ ڪجهه لکيل هجي ٿو، جڏهن ته وک وک تي ريئل اسٽيٽ جا دڪان موجود هئا.

چين پاڪستان جي اقتصادي راهداري سبب هن شهر کي سيڪيورٽي جي حوالي کان اهميت حاصل آهي. ان جي ڪري ڪراچي کان گوادر تائين ڪوسٽ گارڊز، ايف سي، ليويز ۽ پوليس جي ڏهاڪو کن چيڪ پوسٽن کان گذري ڪري هتي پهچڻو پوي ٿو. جيڪڏهن گڏ عورتون آهن ته پڇا ڳڇا گهٽ رهي ٿي، صرف شناختي ڪارڊ ڏئي ڪري اڳيان وڃڻ ڏين ٿا. گوادر جو موجوده وقت تائين مک واپار مڇي آهي. ماهيگيرن وٽ ننڍيون ننڍيون ٻيڙيون آهن، جن تي هو 10 ميل جي اندر شڪار ڪرڻ وڃن ٿا، ڇاڪاڻ جو هتي سمنڊ گهرو آهي، ان ڪري هنن کي اڳيان نٿو وڃڻو پوي. ڪراچي جي حبيب يونيورسٽِي جي استاد حفيظ جمالي هنن ماهيگيرن تي پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته، انهن ٻيڙين جو انگ 4 هزار آهي ۽ هر ٻيڙيءَ تي 4 کان 5 ملازم هوندا آهن. ماضي ۾ ماهيگيري هڪڙو منافعي بخش ڌنڌو هو، پر هاڻي هنن ماهيگيرن جو گذر سفر ڏاڍو ڏکيو ٿئي ٿو. شڪار کان واپس آيل هنن ٻيڙين ۾ مون پاڻ ڏٺو ته صرف ننڍيون مڇيون هيون. هڪ ماهي گير ٻڌايو ته، جيئن هر زمين ۾ پوک نٿي ٿي سگهي، تيئن ئي سمنڊ ۾ هر جاءِ تي مڇي نه هوندي آهي، نه ته گوادر کانسواءِ پسني، اوڙهه ماڻهه ۽ جيوڻي ۾ به ايتري تعداد ۾ مڇي ماري وڃي ها. گوادر هن علائقي ۾ واحد جڳهه آهي، جتي مڇي گهڻي تعداد ۾ موجود هئي، پر جيئن جيئن سمنڊ ۾ بندرگاهه ٺهندو ويو، تيئن مڇي پوئتي ٿيندي وئي ۽ هو غربت جي طرف وڌندا رهيا.

شهر ۾ کائڻ پيئڻ جون شيون گهڻي ڀاڱي ايران مان ٿيون اچن. مقامي ماڻهن جو چوڻ هو ته اهي سستيون ۽ معياري آهن، جڏهن ته پيٽرول به ايران مان اچي ٿو. اهو ٻڌي ڏاڍي حيرانگي ٿي ته مڪران ڊويزن کي بجلي به ايران مان مهيا ڪئي وڃي ٿي. ايران 70 ميگا واٽ بجلي فراهم ڪري ٿو، جنهن مان 15 ميگاواٽ بجلي گوادر کي ڏني وڃي ٿي، جنهن جي کپت 20 ميگاواٽ کان وڌيڪ آهي. شهر جي مرڪزي بازار ۾ آسي پاسي نئين ۽ پراڻي جنريٽر ۽ سولر پليٽ جا ڪيئي دڪان موجود هئا. هن وڌندڙ ڪاروبار جو ڪارڻ شهر ۾ 12 کان 15 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ آهي. اها صورتحال ڏسي ذهن ۾ اها ڳالهه اچي ٿي ته گوادر کي جيڪو عالمي طرز ۽ سطح جو شهر ٺاهيو پيو وڃي، ان لاءِ بجلي ڪٿان ايندي؟ ان جو حل حڪومت وٽ 150 ميگا واٽ بجلي گهر آهن، جيڪي اڃا منظوريءَ جي عمل ۾ آهن. گذريل مهيني جڏهن اسين گوادر ۾ موجود هئاسين ته پاڻيءَ جي حوالي سان ماڻهو ڏاڍا خوش هئا، ڇو جو برساتن جي ڪري شهر ويجهو 2 ڏهاڪا اڳ آنڪڙا ڊيم ۾ 2 مهينن جو پاڻي جمع ٿي چڪو هو. نه ته تربت مان پاڻيءَ جا ٽينڪر گهرايا وڃن ٿا. هزار گيلن جو هڪ ٽينڪر 15 هزار ۾ پوي ٿو. حڪومت پاڻيءَ جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ سمنڊ جي کاري پاڻيءَ کي صاف ڪرڻ جو پلانٽ لڳائڻ جو منصوبو جوڙيو آهي، پر ان جي لاءِ به بجلي ضروري آهي جيڪا هتي في الحال دستياب ڪونهي. بنا بجلي ۽ پاڻي جي ڪهڙي صنعت ٿي سگهي ٿي يا ڪهڙو ميگا سٽي ٺهي سگهي ٿو؟ ان سوال جو جواب صرف فائيلن ۽ منصوبن جي صورت ۾ موجود آهي. اسان جي گوادر وڃڻ جو ڪارڻ هتي جو ڪتابي ميلو هو، جنهن ۾ عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي هئي. جيڪي شڪايت ڪري رهيو هيون ته هتي صحت جي حوالي سان سهولتون نه آهن. گوادر ڊسٽرڪٽ اسپتال ۾ انتسهيالوجسٽ، ريڊيو لاجسٽ ۽ ٻارن جي بيماري جا ماهر ته بلڪل نه آهن. گائنوڪالاجسٽ ته ڪڏهن ڪڏهن دستاب هوندي آهي. اهي به مريضن جو انگ ڏسي لڪي وينديون آهن، ڇاڪاڻ جو 100 کان 150 تائين مريض روز اچن ٿا. ان ڪري هتان ماڻهو مريض کي 8 ڪلاڪن جو سفر ڪري ڪراچي يا ته ويجهي شهر تربت وٺي ويندا آهن.

اسان جي موجودگيءَ دوران صحت جي حوالي سان هڪ دلچسپ واقعو به پيش آيو. شهر ۾ وڏي تعداد ۾ چڪن گونيا جي بيماري موجود هئي، ڪيئي درجن ماڻهو ان ۾ مبتلا هئا. مقامي آفيسرن ٻڌايو ته، اعليٰ آفيسرن هدايت ڪئي آهي ته اها خبر ٻاهر نه نڪرڻ کپي، ڇاڪاڻ جو ان سان بندرگاهن تي موجود چيني شهرين ۾ خوف پيدا ٿيندو ۽ سرمائيڪار نه ايندا. پوءِ نيشنل پارٽيءَ جي ٽائون چيئرمين هن ڳالهه کي ڍڪيو ۽ شهر ۾ اسپري ڪرائي اها ڳالهه ميڊيا جي ماڻهن کي چئي ته، اسان جا ماڻهن بيماري ۾ آهن، هنن کي سيڙپڪاريءَ جو فڪر آهي. ڪتابي ميلي دوران معلوم ٿيو ته پوري بلوچستان ۾ بلوچي جا 80 سيڪڙو ادبي ميگزين گوادر ۽ ڀرپاسي جي شهرن مان شايع ٿين ٿا. ان جو ڪارڻ هتان جا ماڻهو آهن، جيڪي ادب لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا. پروفيسر حفيظ جمالي ٻڌايو ته، بلوچستان ۾ لوئر ڪلاس ۽ مڊل ڪلاس ۾ جيڪا سياسي تحريڪ اٿي هئي، ان جو بنياد مڪران بيلٽ ۾ ئي پيو هو، ڇو جو هتي ڪنهن به سردار يا قبيلي جو اثر رسوخ نه هو. ماڻهن بلوچستان ۾ قبيلائي بالادستيءَ کان نڪري پنهنجي نالن سان بلوچ لڳرائڻ شروع ڪيو. اهو هڪ شعوري فيصلو هو، جنهن کان پوءِ هرڪو پنهنجو پاڻ کي بلوچ سڏرائڻ تي فخر محسوس ڪندو هو. هاڻي اهو رجحان گهٽ ٿي رهيو آهي، هاڻي توهان کي نالن سان گڏ قبيلائي ذات نظر اچي ٿي. ڪتابي ميلي ۾ شريڪ ٿيڻ وارن کي چيني عملدارن طرفان رات جي ماني جي دعوت ڏني وئي. نالي واري صحافي محمد حنيف جيڪو پاڻ به هن ميلي ۾ شريڪ هو، تنهن اهو مشورو ڏنو ته هلي ڏسون ٿا ته هي ڪن ڇا پيا ۽ رهن ڪيئن ٿا. روزانه ڊان سان وابسته منهنجي دوست صحافي سحر بلوچ ۽ اسان به حامي ڀري. سڪيورٽي ڪليئرنس کانپوءِ بندرگاهه پهتاسين. بلبن جي پيلي روشني ۾ ڀت تي پاڪستان- چين دوستي لکيل هو ۽ ٻنهي ملڪن جا جهنڊا به ٺهيل هئا. هيٺ انگريزي ۾ لکليل هو ”رپئي بنا انسان، ڪمان بنا تير آهي.“ انهن لفظن ۾ خوبصورتي هجي، نه هجي پر مفاد پرستي ضرور نظر اچي ٿي. عمارت اندر اي بائيڪ ۽ اي ڪار يعني بجليءَ تي هلڻ واريون گاڏيون، جنهن مان دونهون نه نڪرندو، جي حوالي سان معاهدي جي تقريب جاري هئي. هن معاهدي تحت هي ڪمپنيون گوادر ۾ فيڪٽريون لڳائينديون. اسان کي ٻڌايو ويو ته، اهو گوادر کي گرين سٽي بنائڻ واري منصوبي جو حصو آهي. دماغ ۾ اهو سوال اٿيو ته ماڻهن جي لاءِ پيئڻ جو پاڻي ڪونهي، وڻن جو نالو نشان ڪونهي، هيءَ سٽي گرين ڪيئن ٿيندي؟ ڪراچيءَ جو اهو سفر جيڪو پهريائين 36 ڪلاڪن کان 48 ڪلاڪن ۾ ٿيندو هو، هاڻي روڊن جي ٺهڻ جي ڪري 8 کان 9 ڪلاڪن ۾ طئي ٿئي ٿو. گوادر جي ڪناري کي ڪراچيءَ جي ”سي ويو“ وانگر ٺاهيو ويو آهي، جتي شام جو ماڻهو واڪ ڪن ٿا، جڏهن ته ڪيئي درجن کان وڌيڪ ٻار فٽبال کيڏين ٿا، جن کي عالمي فٽبالرن جون شرٽون پهريل هجن ٿيون. ڪجهه ماڻهو ته انهيءَ صورتحال کي ائين پيا سمجهن، ڄڻ مقامي ماڻهو فٽبال ۽ عالمي قوتون فٽبالر هجن، جيڪي مقامي آبادي سان کيڏي رهيا آهن.

 

About Asghar Azad

Check Also

غربت جو خاتمو چاهيون ئي نه ٿا،سکڻيون دانهون ڪرڻيون آهن

Share this on WhatsAppغربت جو خاتمو چاهيون ئي  نه ٿا،سکڻيون دانهون ڪرڻيون آهن! – اصغر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *