Saturday , April 20 2024

آصف زرداري جعلي بئنڪ اڪائونٽس جي مالڪي قبول ڪندو

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) اڳوڻو صدر آصف علي زرداري جعلي بئنڪ اڪائونٽس کي پنهنجا اڪائونٽ هجڻ جي قبوليداري ڪندو، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته آصف زرداري نيب ايندڙ ٻن ٻڌڻين دوران اڪائونٽس کي سندس هجڻ جي قبوليداري ڪندو. آصف زرداري خلاف هلندڙ جعلي بئنڪ اڪائونٽس واري اسڪينڊل بابت سنڌسماءَچار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق آصف زرداري، انهن سمورن جعلي بئنڪ اڪائونٽس جي مالڪي قبول ڪندو، جن جو مٿس الزام آهي. آصف زرداري خلاف نيب ۾ هلندڙ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۽ انهن ذريعي اربين رپين جي ڏيتي ليتي ڪرڻ توڙي پئسه مختلف ڪمپنين جي اڪائونٽس ۽ پرڏيهه موڪلڻ جا مختلف ڪيسز هلندڙ آهن، انهن ڪيس مان ڪجهه جي اڃا تائين جاچ ڪئي پئي وڃي. ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق آصف زرداري مئي مهيني دوران ئي نيب آڏوم  پيش ٿيڻ دوران پڇا ڳاڇا دوران انهن سمورن جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۽ انهن ذريعي ٿيل ڏيتي ليتي کي قبول ڪندو، آصف زرداري پاران اهڙي قبوليداري کي ڪاروبار جو حصو قرار ڏئي سگهي ٿو، جنهن لاءِ اهو به مقوف اختيار ڪري سگهي ٿو ته انهن اڪائونٽس کي ڪاروباري ڏيتي ليتي لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو.ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته جعلي بئنڪ اڪائونٽس واري اسڪينڊل ۾ هلندڙ مهيني جي آخري هفتي يا وري عيد کان سُتَتُ پوءِ اهم موڙ ايندو، جنهن جو محرڪ خود آصف زرداري پاڻ ئي هوندو، امڪان اهو به آهي ته آصف زرداري هاڻي پاڻ مٿان لڳايل الزامن خاص طور تي جعلي اڪائونٽس واري معاملي تي آهسته آهسته سخت کان سخت رپيو اختيار ڪري. ذريعن جي اهڙي ڄاڻ ملڻ کانپوءِ جڏهن سنڌسماءَچار پاران ان سوال ته، جيڪڏهن آصف زرداري جعلي اڪائونٽس جي مالڪي واري قبولداري ڪري ٿو ته پوءِ نيب کيس گرفتاري ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪندي“، بابت معلومات حاصل ڪئي وئي آهي. ذريعن ان سلسلي ۾ ٻڌايو ته، ”آصف زرداري جي گرفتاري ايتري آسان نه آهي ۽ نه ئي وري نيب اهڙو اٻهرائپ وارو قدم کڻندي، نواز شريف ۽ شهباز شريف سميت نون ليگ جي ٻين اڳواڻن جي گرفتارين واري عمل ۽ آصف زرداري جي گرفتاري ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي، آصف زرداري وٽ حڪومت خاص طور تي اسٽبلشمينٽ سان کيڏڻ لاءِ کوڙ سارا مضبوط پتا آهن، جيڪي هو کيڏندي دير ئي نه ڪندو، آصف جي گرفتاري گهٽ ۾ گهٽ ايندڙ ڏيڍ ٻن مهينن دوران نظر نه ٿي اچي، باقي آصف زرداري يا پيپلز پارٽي جو ڪو اهڙو قدم سامهون نه اچي جنهن بعد کيس گرفتار ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *