Friday , April 19 2024

گندن بيضن جي پيداوار پاڻ کي ڪپتان ۽ ليڊر سڏائي رهيا آهن: آصف زرداري

ڳڙهي خدابخش/لاڙڪاڻو ( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو  آهي ته آر اوز جي پيداوار ٻيهر اين آر او ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر انهن خلاف ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي، پيپلزپارٽي خلاف هميشه سازش ٿي آهي جيڪا اڃا تائين جاري آهي. ڳڙهي خدا بخش ۾ پيپلزپارٽيءَ جي جلسي کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته تاريخ ۾ هُن جهڙا ڪيترائي ليڊر ايندا ۽ ويندا پر شهيد ڀٽو جو نالو هميشه ياد رکيو  ويندو. هن چيو ته پيپلزپارٽي خلاف هميشه سازش ٿي آهي جيڪا اڃا تائين جاري آهي، مخالف ڄاڻي وٺن اسان ۾ برداشت آهي پر انهن ۾ برداشت ناهي، اسان جو فلسفو صبر جو درس ڏئي ٿو. سندس چوڻ هو ته آر اوز جي پيداوار ٻيهر اين آر او ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جي ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي. آصف علي زرداري چيو ته ڪڏهن ڪو ڪپتان بڻجي ٿو ته ڪڏهن ڪو ليڊر بڻجي ٿو، جڏهن اهي جيلن ۾ هئا ته ڪيسن کي منهن ڏيڻ کان لهرائيندا هئا اهي سڀ آر اوز جي پيداوار سياستدان آهن، ٻي صورت ۾ ڪنهن جو ڪهڙو حق آهي جو هو ملڪ جو آئين ٽوڙين. آصف علي زرداري چيو ته بلاول ڀٽو ۽ بختاور جيئن منهنجا ٻار آهن اهڙي ريت اهي ڪارڪنن جا به ٻار آهن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *