Tuesday , April 23 2024

گمبٽ ڀرسان خوشيءَ ۾ فائرنگ، 2 سڳا ڀائر گهوٽ مارجي ويا، وهانءُ ماتم ۾ تبديل

گمبٽ ڀرسان وهانءَ ۾ راڳ جي محفل ۾ خوشيءَ ۾ فائرنگ، 2 گهوٽ مارجي ويا، وهانءُ ماتم ۾ تبديل

خيرپور/ گمبٽ (رپورٽرز   سنڌسماءَچار) گمبٽ ڀرسان شادي جي ڪاڄ ۾ خوشيءَ مان ڪيل فائرنگ ٻه گهر اجاڙي ڇڏيا، مبينا اتفاقي فائرنگ ۾ ٻه گهوٽ مارجي ويا، گمبٽ ويجهو ڪچي جي ڳوٺ ملهيراڻي ۾ شادي جو ڪاڄ ان وقت ماتم ۾ تبديل ٿي ويو، جڏهن خوشيءَ مان گهوٽ جي مائٽن پاران فائرنگ ڪئي وئي، فائرنگ دوران مبينا طور تي اتفاقي گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻه گهوٽ ساجد کهڙو ۽ عابد کهڙو ٿڏي تي مري پيا. گهوٽن جي مارجڻ بعد وهانءَ جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون، گهوٽن جي امڙ، پيءُ ۽ ٻين گهر ڀاتين کي بي هوشي جا دورا پئي ويا، پوليس اطلاع ملڻ تي ٻنهي گهوٽثن جا لاش وارثن سان گڏجي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، ۽ ب يهوش ٿيل گهوٽن جي والدين کي به گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. مارجي ويل ساجد ۽ عابد کهڙو جي لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ  بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، لاش گهر پهبچڻ تي سڄي ڳوٺ جو ماحو سوڳوار بڻجي ويو آهي، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته فائرنگ جو واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن شادي تقريب ۾ راڳ جي محفل هلي رهي هئي ته اوچتو فائرنگ ٿي ۽ گوليون سامهون اسٽيج تي ويٺل ٻنهي گهوٽن ساجد ۽ عابد کهڙو کي لڳيون جيڪي ٿڏي تي مري ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي شروعاتي جاچ دوران  معلوم ٿيو آهي ته، راڳ جي محفل دوران هڪ شخص اسٽيج سامهون خوشي ۾ فائرنگ ڪري رهيو هو ته گوليون وڃي گهوٽن کي لڳيون، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، هڪ گهوٽ آصف کهڙو پڻ معجزاڻي طور بچي ويو. جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

ڊاڪٽر ديپڪ ڪيس، ڊي آءِ جي عرفان بلوچ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *