اسلام آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پاران مهانگائي سٽيل عوام تي پيٽرول بم ڪيرائڻ کانپوءِ گهرن ۾ استعمال ٿيندڙ ايل پي جي جو اگهه به وڌائي ڇڏيو آهي. پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ اوگرا ايل پي جي به مهانگي ڪري ڇڏي، اوگرا پاران گهريلو استعمال جي ايل پي جي سلينڊر جي اگهن ۾ 41 رپيا 27 پئسه واڌ کانپوءِ 11 ڏهائي 8 ڪلو گرام وارو سلينڊر15 سئو 92 پئسه ٿي ويو آهي. اوگرا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ گهرن ۾ استعمال ٿيندڙ ايل پي جي سلينڊر جي اگهن ۾ 41 رپيا 27 پئسه واڌ ڪئي وئي آهي. اوگرا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ايل پي جي جو 11 ڏهائي 8 ڪلو گرام وارو سلينڊر 15 سئو 63 رپيا ۽ 92 پئسه ٿي ويو آهي. مارچ ۾ ايل پي جِي جي گهريلو سيلنڊر جي قيمت 15 سئو 22 رپيا 64 پئسا هئي. واضح رهي ته وفاقي سرڪار گذريل ڏينهن پيٽروليم شين جي اگهن ۾ به 6 رپين تائين واڌ ڪئي هئي.
Check Also
آءِ ايم ايف سان معاهدو، ڪامورن ۽ سندن گهر ڀاتين لاءِ پريشانيون وڌي ويون
Share this on WhatsApp ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت پاران قرض حاصل ڪرڻ …