Friday , May 20 2022
uren

ڪيڏو نه بيوس آهيان، هُن جي مدد نه ڪري سگهيس…!! – موڳو مٽر

sad pic

ڪيڏو نه بيوس آهيان، هُن جي مدد نه ڪري سگهيس…!! – موڳو مٽر

معمول موجب هفتيوار موڪل هئي سو ڪچهري لاءِ هڪ دوست ڏي وڃڻ چاهيم پر خبر پئي ته اُهو عمرو ادا ڪرڻ ويو آهي، ٻي کي فون ڪيم ته اُهو وري قهر جي گرمي ڳوٺ پي ويو، پاڻ ڄاڻي گرمي ٻڌائيندس ته گهڻي ويهين سئو آهي. بحرحال مان به نڪري ويس سمنڊ ڪناري، پر سمنڊ جو ڪنارو به مون وانگر ٻلهو ٻوٿ ڪيون بيٺو هو.پڇو مانس ته ، ابا ڇو ڀلا تون به ٻوٿ تي ٻارنهن وڄايون بيٺو آهين ….. ڪابه ورندي ڪو نه ڏنائين سو سندس ڪاوڙ کان بچڻ لاءِ ڇڪيم پنڌ کي وڃي هڪڙي پارڪ ۾ ڪنڊائتو ٿي سگريٽ ڏکايم.

مزو ڪو نه آيو پارڪ ۾ سو وري واپس گهر آيم، ياد آيو ته موڳا مٽر توکي گهران ڪو سودو چيو هيائون سو ته رهجي ويو. سو دڪان تان سودو وٺي جيئن ئي موٽيم ته سالن کانپوء هڪڙو دوست مليو…..

ساڻس مليس هُن جو ٽهڪ ته ساڳئي انداز وارو هو جيڪو اڄ کان سندس هڪ ڪارپوريشن مان نوڪري دوران هوندو پر، مونکي سندس ٽهڪ ، ٽهڪ نه لڳو. سندس جو ٽهڪ اندر ۾ ٻرندڙ ڪنڊيءَ جي ڪاٺ واري باهه بعد ان جي ٽانڊن مان اٿندڙ چڻنگن سان گڏ ٿيندڙ ٺڪاوَ لڳا، منهنجو به اندر اجهامي ويو.

“موڳا ٻن مٽر تون اتي ئي بيھ مان هن دوست کي ڇڏي اچان ٿو”. ڪجهه منٽن بعد هُو آيو، تڪڙ ۾ پڇيائين ڪٿي ويهون، توکي چانهه پياريان، يا ٿڌو پيئندي، مونکي تڪڙو گهر وڃڻو آهي…..

سندس تڪڙن تڪڙن سوالن ۽ اهڙي اڻتڻ منجهائي ڇڏيو، موڳو ته هونئين به آهيان، بحرحال وڃي ڀرسان هڪ هوٽل تي ويٺاسين، پڪ هئي ته هاڻي ان تي چانهه نه ملندي…..

يار موڳا ، بيروزگار آهيان، 3 سالن کان وڌيڪ وقت گذري ويو آهي، بس لاپڙ لئي تي ڪو ڪم ڪار ملي ويندو آهي ته،  اهو ڪرائي ڏيندو آهيان، هفتي وارو ڪم هوندو آهي اهو ٻن ڏينهن ۾ ڪرائي وٺندو آهيان، سو به جيڪڏهن سڌو ۽ صاف ڪم هجي بس رڳو چئو چوا ڪري تڪڙو اڪلائي وٺندو آهيان. ان مان مڙئي ٻه رپيا ملي ويندا آهن…….

مان هُن کي به ٻڌو پي ۽ سوچيم به پي ته “ هي شخص جيڪو اهڙن ڪمن جا پئسا وٺندو ئي نه هو يا ڪهڙو به ڪم هجي رڳو چئبو هئس ته چوندو هو، ڪنهن کي چوڻو آهي، ڦڏي فساد وارو ته ناهي، اڳ ۾ ڪنهن سان ڪا بدتميزي ته ناهي ڪئي ان ڪم لاءِ  ۽ بس پوءِ اٿي کڙو ٿبو، جي فون تي هوندو ته چوندو “اچ”…..

اجهو ماڻهو اڄ پاڻ ٿو چوي ته “بس اهو ڪم آهي، ٻه رپيا ملي ويندا آهن”.

اڙي موڳا منهنجي بڪواس ٻڌين ٿو يا نه…..

هلڪي ڇرڪ ۾ چيومانس ها ٻڌان پيو، شايد سمجهي ويو…

هن وري ڳالهائڻ شروع ڪيو “ موڳا مٽر ! هن مختلف ماڻهن جا نالا کنيا ۽ ڪجهه پنهنجن مائٽن جا به نالا کڻندي ٻڌايو ته، يار اهي به هاڻي اکيون ڦيري ويا آهن، مان ڏاڍو پريشان آهيان”.

۽……….. هن هڪ ٽُٽُل جملو چيو، جيڪو ورجائڻ منهنجي منهنجي وس ۾ ناهي (اهڙا ڏينهن مان پاڻ ڀوڳي چڪو آهيان هن بي رحم شهر ۾).

جنهن کي راتين جون راتيون ماڻهن جي ڪمن توڙي سياسي ڪمن ۾ گذري وينديون هيون، مزدورن جي هرکر هوندي هيس، ڏينهن رات سندس لاءِ ڪا معنيٰ نه رکندو هو، اڄ ان کي تڪڙ هئي ۽ وڌيڪ ٽائيم ڏيڻ سندس لاءِ ڪنهن عزاب کان گهٽ نه هئو، سو مان به کيس نه روڪيو، ٻن ڏينهن کانپوءِ ٻيهر ملڻ جو ٽائيم رکندي هُو هليو ويو.

هُو ته هليو ويو پر منهنجي لاءِ مانڌاڻ مچائي ويو، مون وٽ به ايتري طاقت نه هئي جو سندس ڪا مدد ڪري سگهان، جيڪي ٻه ٽي سئو هئا سي اڳ ئي کپائي ويٺو هيس.

آءُ هڪ اڳي ئي موڳو ، مٿان هن يار جو حال…..

هُن جنهن نه ڄاڻ ڪيترن ماڻهن کي روزگار سان لڳايو، بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي. هن سياست ڪئي ته صاف سٿري، پنهنجو رت ست ڏنو سياست کي جواني جا خوبصورت سال ڪراچي جهڙي بي رحم شهر جي ظالم حالتن وارن ڏينهن ۾ سياست ڪئي ۽ دبنگ نموني سياست ڪئي.

مزدورن جي حقن تان هٿ کڻڻ لاءِ کيس ڇاڇا آڇون نه ٿيون هن کي، پر اڄ هُو ان ٽٽل جملي جي ڄار ۾ ڦاٿل آهي، جيڪو ورجائڻ منهنجي وس ۾ ناهي…………

About Asghar Azad

Check Also

غربت جو خاتمو چاهيون ئي نه ٿا،سکڻيون دانهون ڪرڻيون آهن

Share this on WhatsAppغربت جو خاتمو چاهيون ئي  نه ٿا،سکڻيون دانهون ڪرڻيون آهن! – اصغر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *