Friday , March 29 2024

ڪوڙا بئنڪ اڪائونٽس ۽ رقمن جي منتقلي، نجي بئنڪ تي 24ڪروڙ رپيا ڏنڊ

اسلام آباد (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر چيو آهي ته خانگي بئنڪن ۾ ڪوڙا بئنڪ اڪائونٽس کولي رقمن جي ڏيتي ليتي ڪرڻ ۽ مني لانڊرنگ جي الزامن هيٺ 24 ڪروڙ 70 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو آهي، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر اهڙي ڄاڻ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ مني لانڊرنگ روڪڻ لاءِ منصوبابندي بابند ٿيل اجلاس دوران بريفنگ ڏيندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر، خصوصي صلاحڪار شهزاد اڪبر، خصوصي معاون افتخار دراني، گورنر اسٽيٽ بينڪ طارق باجوا، گهرو معاملن وارو وفاقي سيڪريٽري سميت ڊي جي ايف آءِ اي، چيئرمين ايف بي آر ۽ چيئرمين ايس اي سي پي شرڪت ڪئي. اسٽيٽ بينڪ جي گورنر طارق باجوا وزيراعظم کي آگاهي ڏني ته مني لانڊرنگ روڪڻ لاءِ اهم اپاءَ ورتا ويا آهن، ان لاءِ ڪوڙن بئنڪ اڪائونٽس کولڻ ۽ اهڙن کاتن ذريعي رقمن جي ڏيتي ليتي يا مني لانڊرنگ لاءِ استعمال ۾ مدد ڪندڙ نجي بئنڪنخلاف ڪارروايون ڪيون ويون آهن، جيڪي قاڃا به جاري آهن. طارق باجوا اجلاس کي ٻڌايو ته هن وقت تائين ڪوڙا کاتا کوليندڙ بئنڪن خلاف ڪارروايون ڪري، 24 ڪروڙ 70 لک ڏنڊ رکيو ويو آحي. ڪوڙا بئنڪ کاتا کوليدڙ ڪمرشل بئنڪ جي 109 آفيسرن خلاف جاچ به شروع ڪئي وئي آهي. وزيراعظم کي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته شڪي ٽرانزيڪشن رپورٽن تي جائزو وٺڻ ۽ اهڙين ٽرانزيڪشنز جو پتو لڳائڻ توڙي روڪڻ وارو ڪم تيز ڪيو ويو آھي.

اجلاس ۾ ڪمرشل بينڪن طرفان شڪي بينڪ ٽرانزيڪشن رپورٽس کي جاري ڪرڻ ۽ فنانشنل مانيٽرنگ يونٽ جي طرفان انهن رپورٽن جي جائزي ۽ ان تي جاچ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ آگاهي ڏني وئي ته 2018ع ۾ 8 هزار 707 شڪي ٽرانزيڪشنز جون رپورٽون جاري ڪيون ويون، جڏهن ته 2017ع ۾ انهن رپورٽن جو تعداد 5548 هو، گورنر اسٽيٽ بينڪ طارق باجوا ٻڌايو ته ڪسٽم پاران جولاءِ 2018ع کان جنوري 2019ع تائين 24 ڪروڙ 39 لک روپين تي ٻڌل ڪرنسي ضبط ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گذريل سال انهيءَ عرصي ۾ 10 ڪروڙ 31 لک ڪرنسي ضبط ڪئي وئي، اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته جولاءِ کان جنوري تائين ڪرنسي ۽ ٻين ضبط ٿيل شين جي ڪل ماليت 20 ارب روپين کان مٿي آهي، جڏهن ته گذريل سال جولاءِ کان جنوري تائين ڪرنسي ۽ ٻئي ضبط ڪيل سامان جي ڪل ماليت 12 ارب روپيا هئي. اجلاس ۾ ايف بي آر جي آفيسرن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اينٽي مني لانڊرنگ قانون جي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ مئي 2016 کان جنوري 2019ع تائين مشڪوڪ ٽرانزيڪشنز جي نتيجي ۾ 5 سئو کان وڌيڪ ڪيسن جي جاچ ڪئي پئي وڃي. 6 ارب 60 ڪروڙ کان وڌيڪ رڪوري ٿي چڪي آهي، نومبر 2018ع کان جنوري 2019ع تائين ڪرنسي ضبط ڪرڻ جا 11 ڪيس داخل ڪري 13 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، وزيراعظم کي ٻڌايو ته ناڻي جي منتقلي جي مد 12.5 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، اجلاس ۾ گهرو معاملن واري وفاقي سيڪريٽري سرحدن، هوائي اڏن ۽ ٻين جڳهن تي مني لانڊرنگ جي روڪٿام لاءِ کنيل اپائن تي بريفنگ ڏني. اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته برطانيا، قطر، متحده عرب امارات ۽ آسٽريليا سان فنانشنل انٽيليجنس شيئرنگ جي ايم او يوز تي صحيحون ٿي رهيون آهن،ملڪ ۾ بھ اھڙو نظام بھتر بڻايو پيو وڃي. ان موقعي تي وزيراعظم مختصر خطاب ڪندي چيو ته مني لانڊرنگ ملڪي معيشت لاءِ هڪ ناسور آهي، جنهن معيشت کي ايترو نقصان پهچايو آهي، جنهن جو مثال ناهي، مني لانڊرنگ ۾ ملوث ماڻهو ڪنهن به رعايت جا مستحق ناهن، اهڙن ماڻهن کي بي نقاب ڪري انهن ماڻهن جي اصليت عوام آڏو رکي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *