Tuesday , April 16 2024

ڪنڌڪوٽ ۾ پ پ کي سياسي جهٽڪو، شبير بجاراڻي پ پ کي خدا حافظ چئي ڇڏيو

سکر ( رپورٽر    سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي کي ڪنڌڪوٽ ضلعي اندر ڪاپاري سياسي ڌڪ، پ پ جي باني اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي (مرحوم) جو پٽ شبير بجاراني پيپلز پارٽي سان پراڻو ناتو ختم ڪري پي ايس 6 تان آزاد حيثيت ۾ اليڪشن وڙهڻ جو اعلان ڪيو آهي. شبير بجاراڻي چيو آهي ته پ پ سان واسطو رکندڙ ماڻهن سندس فارم رد ڪرائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي، ٻين ضلعن ۾ به پ پ مخالف اميدوارن جي حمايت ڪنداسين. سکر ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ محمد ميان سومرو، جي ڊي اي اڳواڻ سردار علي گوهر خان مهر ۽ شهريار مهر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شبير بجاراڻي پ پ کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو.

هن چيو ته هو هاڻي تنگواڻي جي صوبائي تڪ پي ايس 6 تان آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهندو.  شبير بجاراڻي چيو ته پ پ سان واسطو رکندڙ ماڻهن سندس فارم رد ڪرائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي، پر سندن سموريون ڪوششون ناڪام ٿي ويون. هن چيو ته ڪشمور – ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد ۽ شڪارپور  ضلعن ۾ عابد سندراڻي، اعجاز جکراڻي، سهراب سرڪي ۽ پ پ جي ٻين اميدوارن جي ڀرپور مخالفت ڪنداسين ۽ انهن کي هارائينداسين.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *