Wednesday , April 17 2024

ڪنڌڪوٽ ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 3 ڄڻا مارجي ويا، 2 عورتن سميت 5ڄڻا زخمي

ڪنڌڪوٽ: فوٽو سوشل ميڊيا تان ورتل

ڪنڌڪوٽ (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنڌڪوٽ جي دراني مهر واري علائقي ۾ ٻن ڌرن ۾ پراڻي تڪرار تان جوابدارن جي فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ جاگيراڻي برادري جا 5 ماڻهو ڦٽجي پيا. دراني مهر واري علائقي ۾ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان ٻيهر جهيڙو ٿي پيو، هڪ ڌر جي هٿياربندن فائرنگ ڪري مخالفن جي نورالدين ۽ سرفراز جاگيراڻي سميت ٽن  ڄڻن کي قتل ڪري ڀڄي ويا، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته جوابدار ڪافي دير تائين واقعي واري هنڌ موجود رهيا ۽ فسائرنگ ڪندا رهيا، فائرنگ دوران گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻن عورت سميت 5 ماڻهو زخمي به ٿي پيا. علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو. پوليس پنهنجي روايت برقرار رکندي اطلاع باوجود هٿياربند جي فرار ٿي وڃڻ جي ڪافي دير کانپوءِ واقعي واري هنڌ پهتي، جنهن بعد مارجي ويلن جي وارثن سان گڏجي مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. ڪيترائي ڪلاڪ گذري وڃڻ جي باوجود پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *