Thursday , April 25 2024

ڪمشنر حيدرآباد سائين جي ايم سيد جي سالگرهه تي پابندي مڙهي ڇڏي

حيدر آباد (رپورٽر    سنڌسماءَچار) ڪمشنر حيدرآباد سائين جي ايم سيد جي سالگرهه تي پابندي مڙهي ڇڏي، نوٽيفڪيشن به جاري. اڄ جيدي قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد جي هڪ سئو ارڙهين سالگرهه ملهائي پئي وڃي، جنهن لاءِ هر سال جيان سن ۾ به جسقم، ايس يو پي ۽ جسم رياض چانڊيو گروپ پاران ڌار ڌار جلسا رٿيا ويا آهن، جن جون تياريون به مڪمل ڪيون ويون آهن.

سمورين پارٽين پاران جلسا ڪرڻ لاءِ پنڊال تيار ڪيا ويا آهن. ٻئي پاسي ڪمشنر حيدرآباد عباس بلوچ سائين جي ايم سيد جي سالگرهه ملهائڻ لاءِ جلسن تي پابندي لاڳو ڪندي قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. ڪمشنر پاران پڇابندي واري جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته، سالگرهه تقريب سان ڪرونا ايس او پيز جي خلاف ورزي ٿيندي، جي ايم سيد جي سالگرهه جي موقعي تي جلسن سبب امن امان جو مسئلو به پيدا ٿي سگهي ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *