Friday , April 19 2024

ڪلفٽن ۽ ڊفينس وارن علائقن ۾ غيرقانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي جون تياريون

لوئر گذري، بخشڻ وليج ۽ پي ايم تي ڪالوني ۾ اڏاوتون ڊاهڻ جون تياريون، ڪلفٽن ۽ ڊفينس جي ٻين علائقن ۾ غيرقانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي تي غور

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار ) ڪراچي ۾ غير قانوني اڏاوتن ۽ قبضن خلاف ڪارروائي سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي تيزي سان عمل ڪرڻ جو فيصلو، پوليس سان گڏ رينجرز جي مدد وٺڻ جو به فيصلو. سنڌسماءَچار جي ذريعن جو چوڻ هي ته سپريم ڪورٽ پاران شهر ۾ غيرقانوني اڏاوتن خلاف پوش علائقن ۾ به ڪاررواين لاءِ تياريون شروع ڪيون ويون آهن، ان لاءِ ڊفينس ۽ ڪلفٽن جي علائقي سڀ کان پهريان ڪچين آبادين خلاف ۾ اڏاوتون هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب لوئر گذري، بخشڻ وليج، پي ايم ٽي ڪالوني ۽ نيلم ڪالوني ۾ غيرقانوني اڏاوتون ڊاٿيون وينديون. ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت جي لاڳاپيل اختيارين پاران اڏاوتن ڊاهڻ واري ڪارروائين دوران ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس سان گڏ رينجرز کان به مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اڏاوتون ڊاهڻ لاءِ ڪارروائي آچر جي شام جو يا واري سومر ڏينهن صبح جو سوير شروع ڪئي ويندي. امڪان اهو به ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ڊفينس گارڊن، سٽي اسٽيشن ويجهو حسن اسپتال واري علائقي ۾ به ڪارروائي ڪري اڏواتن ڊاهڻ بابت غور ڪيو پيو وڃي.

پورٽ قاسم ۾ اينگرو پوليمرز ڪيميڪل انڊسٽريز ۾ باهه، 5 پورهيت سڙي فوت

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *