Saturday , May 8 2021
uren

”ڪشمير اُمَه جو مسئلو ناهي“ جو بيان سعودي عرب نه ڏنو ته ڪنهن ڏنو؟؟“

”ڪشمير امه جو مسئلو ناهي“ جو بيان سعودي نه پر يو اي اِي ڏنو:ذلفي بخاري جي وضاحت

ڪراچي ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ” ڪشمير اُمَه جو مسئلو ناهي “ وارو بيان سعودي عرب سان منصوب ٿي منظر تي اچڻ وارو معاملو وزيراعظم عمران خان جي خاص معاون حل ڪري ڇڏيو آهي، ذلفي بخاري پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته، ” ڪشمير اُمَه جو مسئلو ناهي “ وارو بيان سعودي عرب نه پر گڏيل عرب امارات ڏنو آهي،. هن چيو ته سعودي ولي عهد يقين ڏياريو آهي ته ڪشمير معاملي تي آڪٽوبر مهيني دوران او آءِ سي جو اجلاس سڏايو ويندو، وزيراعظم عمران خان جي سعودي عرب واري دوري بابت ذولفي بخاري جو چوڻ هو ته، عمران خان سعودي عرب کي ڪشمير مسئلي جي حساسيت ۽ تازي پيدا ٿيل ڳنڀير صورتحال بابت آگاهي ڏيڻي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

21هين رمضان کانپوءِ مرحليوار لاڪ ڊائون لڳائڻ جو فيصلو

Share this on WhatsApp ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي    سنڌسماءَچار) ملڪ ۾ ڪرونا جي وڌندڙ ٽئين …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *