Friday , April 19 2024

ڪرڪيٽ جي ديوانن جي دلين جي ڌڙڪن تيز ٿيڻ لڳي

دبئي(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪرڪيٽ جي ديوانن جي انتظار جون گهڙيون جيئن ئي ختم ٿيڻ جي ويجهو پهچي رهيون آهن تيئن ئي سندن دلين جي ڌڙڪن به وڌي رهي آهي، ڇو ته پي ايس فور ايڊيشن جو ميلو مچڻ وارو آهي، جنهن جون سموريون تياريون به مڪمل ڪيون ويون آهن، پهريون دنگل اڄ دفاعي چيئمپئن اسلام آباد يونائيٽڊ ۽ لاهور قلندرز وچ ۾ ٿيندو. پاڪستان سپر ليگ سيزن 4 جي پهرين ميچ اڄ دبئي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي، دفاعي چيمپئن اسلام آباد يونائٽڊ ڪاميابي جو تسلسل برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آهي. لاهور قلندرز به ماضي جي غلطين مان گهڻو ڪجهه سکڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي، اسلام آباد يونائيٽيڊ جا رانديگر هن ڀيري به ٽرافي کٽڻ لاءِ پرُاميد آهن. لاهور قلندرز ٽيم ۾ فخر زمان، اي بي ڊي ويليرز، محمد حفيظ، ياسر شاهه، شاهين آفريدي، سهيل اختر ۽ ٻيا رانديگر شامل آهن، جڏهن ته ليوڪ رونڪي، فهيم اشرف، شاداب خان، آصف علي، محمد سميع اسلام آباد يونائيٽڊ جي پليٽ فارم تان ڪارڪردگي ڏيکاريندا.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *