Thursday , April 25 2024

ڪرونا وائرس تيزي سان وڌڻ لڳو، پاڪستان ۾ 2ڄڻا فوت، سنڌ ۾ مريضن جو انگ 208 ٿي ويو

پاڪستان ۾ 99سيڪڙو ڪرونا متاثر ايران ۽ سعودي عرب مان واپس آيل شهرين جي آهي

ڪراچي( چيف رپورٽر    سنڌسماءَچار) پاڪستان ۾ ڪروان وائرس تيزي سان پکڙجڻ لڳو، خيبر پختونخوا ۾ 2 ڄڻا فوت، سنڌ ۾ وائرس متاثرن جو انگ وڌي 1 سئو 8 ٿي ويو، پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس جي مريضن جو مجموعي انگ 301 ٿي ويو آهي. پاڪستان ڪرونا وائرس تي روڪٿام جا اثر گهٽ ظاهر ٿي رهيا آهن، ملڪ ۾ انگ تيزي سان وڌي رهيو آهي، پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ڪي پي واسي 2 ڄڻا زندگي جي جنگ هارائي ويا آهن. خيبرپختونخوا سرڪار جي صحت واري وزير تيمور خان جهڳڙا تصديق ڪندي چيو آهي ته مردان واسي پنجاهه سالن جو سعادت خان اسپتال ۾ علاج هيٺ هو جتي هُو علاج دوران ئي فوت ٿي ويو، سعادت خان سعودي عرب مان واپس آيو هو، تيمور جگهڙا جو چوڻ آهي ته هنگو واسي 36 سالن جو نوجوان به اسپتال ۾ داخل هو جتي فوت ٿي ويو. سنڌ ۾ به ڪرونا وائرس تيزي سان وڌي رهيو آهي.

ڪرونا متاثرن ۾ 99 سيڪڙو ايران ۽ سعودي عرب مان تافتان سرحد ۽ ايئپروٽس ذريعي پهتا آهن. ان کانسواءِ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس تيزي سان ظاهر ٿيڻ بعد ملڪ اندر ڪورونا وائرس جو انگ وڌي 304 ٿي ويو. سکر ۾ موجود تافتان وارن زائرين مان اڄوڪي ڏينهن وڌيڪ 17 ڄڻن کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي، رڳو سکر ۾ مريضن جو انگ 151 ٿي چڪو آهي، ڪراچي ۾ وڌيڪ 19 ڪيس سامهون اچي ويا آهن، جنهن بعد شهر ۾ مريضن جو انگ 56 ٿي ويو ۽ هڪ مريض حيدرآباد ۾ علاج هيٺ آهي، اهڙي ريت رڳو سنڌ ۾ ڪورونا جي ڪيسن جو انگ 304 ٿي ويو آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ هيل تائين 33 ڄڻن کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي، خيبرپختونخوا ۾ 19، بلوچستان ۾ 23، گلگت بلتستان ۾ 13، اسلام آباد ۾ 7 ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ مريض کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *