Tuesday , April 23 2024

ڪرونا وائرس، ھندو برادري جي  وڏي آستان ھنگلاج ناني ماتا جو ميلو ملتوي

18،17۽19هين اپريل تي هنگلاج ۾ شروع ٿيندڙ ناني ماتا جو ميلو اڻڄاتل مدي تائين ملتوي

هنگلاج ناني ماتا جي ماڳ جو هڪ منظر(فائل فوٽو)

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي نتيجي هنگامي صورتحال سبب عوامي ميڙاڪن تي پابندين واري اعلان کانپوءِ ناني ماتا جي مندر ۾ ٿيندڙ ٽن ڏينهن واريون مذهبي تقريبون ملتوي ڪيون ويون آهن. ھنگلاج ماتا ويلفيئر اينڊ ڊيلوپمنٽ سوسائٽي لسٻيلو پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته، ناني ماتا جي مندر تي 17 کان 19 اپريل تائين ٿيندڙ مذهبي ۽ ميلي واريون تقريبون ملتوي ڪيون ويو آهن. ميلي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان کانسواءِ سڄي دنيا ۾ رهندڙ هندو برادري جا ماڻهو وڏي سڪ، عقيدت ۽ احترام مان شرڪت ڪري پنهنجون مذهبي رسمون ادا ڪندا آهن. هن ميلي ۾ سنڌ جي مختلف علائقن مان ماڻهو اڪثر ڪري پيادل قافلا به پهچندا آهن.انتظاميا جو چوڻ آهي ته نئين تاريخ جو اعلان ڪرونا وائرس جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويندو.

هر سال مارچ جي 17،18 ۽ 19هين اپريل تي ديم زماني کان لڳندڙ هن ميلي ۾ هندو برادري جي مذهبي رسمن ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت رکندڙ ماڳ آهي. ناني ماتا جو مندر بلوچستان جي مڪران ڪوسٽل هاءِ تي تي، هنگول جبلن جي سلسلي ۾ وقع آهي، ناني ماتا جو مندر اگھور نديءَ جي ڪناري تي قائم هجڻ ڪري انتهائي خوبصورت منظر به پيش ڪندو آهي، هن ماڳ تي هندن کانسواءِ ٻين مذهبن سان لاڳاپيل ماڻهو به ايندا آهن، سياحت، تاريخ ۽ ثقافت سان دلچسپي ماڻهن لاءِ به هي ماڳ ڪشش رکي ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *