Thursday , March 28 2024

ڪرونا وائرس، وفاقي ۽ سنڌ حڪومت آمهون سامهون ٿيڻ جو امڪان

اڄ اهم وفاقي سطح جي شخصيت جي بيان جو امڪان، لاڪ ڊائون بابت صورتحال واضح ٿي ويندي

ڪراچي(رپورٽر    سنڌسماءَچار) ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ سنڌ حڪومت پاران لاڳو ڪيل لاڪ ڊائون وارو مدو سڀاڻي 14 اپريل تي ختم ٿيڻ بعد سنڌ حڪومت پاران مدو وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وزيراعظم عمران پاران خان صنعتڪارن ۽ ايڪسپورٽرز جي مطالبي تي لاڪ ڊائون کي جزوي ڪرڻ جو امڪان آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت لاڪ ڊائون کي وڌائي ڪجهه علائقن ۾ ان کي وڌيڪ سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪري سگهي ٿي. سنڌ حڪومت پاران لاڳو ڪيل لاڪ ڊائون سڀاڻي اڄ سومر ۽ اڱاري جي وچين رات 12 هين وڳي مڪمل ٿي ويندو، ان سلسلي ۾ سنسڌسماءَچار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق سنڌ حڪومت پاران لاڪ ڊائون جو مدو واڌئڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، پر وزيراعظم عمران خان ۽وفاق سان لاڳاپيل ڪجهه اهم ڌرين به سنڌ حڪومت جي فيصلي جي مخالفت ڪئي پئي وڃي، ان بابت اڄ ڪجهه اهم شخصيتن جو موقف سامهون اچڻ جو به امڪان رد نه ٿو ڪري سگهجي، جنهن بعد لاڪ ڊائون بابت صورتحال مڪمل طور تي واضح ٿي ويندي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، وزيراعظم جي صدارت هيٺ  نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اڄ سومر تي شام جو ٿيندڙ اجلاس ۾ لاڪ ڊائون بابت فيصلو ڪيو ويندو، جنهن ۾ ڪجهه صنعتون کولڻ، گڊز ٽرانسپورٽ کي هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويندو، ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته سنڌ حڪومت فيصلي جي مخالفت ڪندي. سنڌ حڪومت جي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق وڏي وزر مراد علي شاهه ان سلسلي ۾ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان به صلاح مشورا مڪمل ڪري ورتا آهن، جن کيس ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ لاڪ ڊائون يا ٻين قدمن بابت وفاقي سرڪار سان ڪنهن به تڪرار ۾ پوڻ جي ضرورت ناهي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته وڏو وزير مراد علي شاهه اڃا تائين پنهنجي موقف تي قائم آهي ته لاڪ ڊائون جو مدو وڌايو وڃي ۽ ان کي اڃا به وڌيڪ سخت ڪري سيڌو سامان وٺڻ لاءِ به صرف ڪجهه ڪلاڪن جي نرمي ڪئي وڃي، ان لاءِ به ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته وڏي وزير ان سلسلي ۾ آءِ جي سنڌ مشتاق مهر سان به صلاح مشورا ڪري کيس هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته وڏي وزير جي هڪ خاص معاون ۽ ٻن وزيرن جي روين سبب وڏو وزير سخت پريشان آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *