Friday , March 29 2024

ڪرونا صورتحال ڳڻتي جوڳي، ايس او پيز تي عمل لاءِ فوج پهچي وئي

ڪراچي / اسلام آباد ( خاص نمائندو/ چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس جي ٽئين لهر انتهائي خطرناڪ صورتحال اختيار ڪرڻ لڳي، سول انتظاميا پاران ايس ايو پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ ناڪامي کانپوءِ  سول انتظاميا جي مدد لاءِ پاڪ فوج گشت شروع ڪري ڇڏيو. دنيا جي مختلف ملڪن جيان پاڪستان ۾ به ڪرونا وائرس جي تيزي سان پکڙجڻ سبب صورتحال انتهائي خطرناڪ ٿيندي پئي وڃي. ملڪ ۾ ڪرونا کان بچاءَ لاءِ لاڳو ڪيل ايس او پيز تي عملدارآمد ڪرائڻ ۾ سول انتظاميا ۽ پوليس جي ناڪامي کانپوءِ وزيراعظم عمران خان پاڪ فوج کان مدد وٺڻ جو اعلان ڪيو آحي، وزيراعظم جي اعلان کانپُءِ ڪرونا ايس او پيز تي به عملدرآماد ڪرائڻ لاءِ راڄڌاني واري شهر اسلام آباد ۾ پاڪ فوج جا دستا سول انتظاميا سان گڏ گشت ڪرڻ لاءِ پهچي ويا آهن. پاڪ فوج جي جوانن سول انتظاميا سان گڏجي اسلام آباد جي مختلف علائقن ۾ ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ڏنڊ مقرر ڪيو ان سان گڏ ڪيتررن ئي ماڻهن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي.

سنڌ ۾ به ڪرونا وائرس جي وبا تيزي سان پکڙجي رهي آهي، جنهن جو وڏو ڪارڻ پوليس ۽ سول انتظاميا پاران ڪرونا ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪرائڻ کي سنجيدسان نه پيو ورتو وڃي. ڪراچي شهر سميت سنڌ جي وڏن شهرن، هاءِ ويز جي هوٽلن، بازارن ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ ايس او پيز تي عملدرآماد نه هئڻ برابر آهي. ڪراچي جي برنس روڊ، بوٽ بيسن، ڪلفٽن، سي ويو، گلستان جوهر، حيدري مارڪيٽ، سهراب ڳوٺ سميت سمورن علائقن ۾ هوٽلن تي رات جون  دير تائين ماڻهن جا هُجوم هئڻ، ايس او پيز تي عملدرآماد نه ڪرڻ سبب وائرس تيزي سان پکڙجي رهيو آ هي، پوليس ۽ سول انتظاميا ايس او پيز تي عملدارآماد ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام نظر اچي رهي آحي، بازارن ۽ هوٽلن ۾ سماجي وٿي تي به عملدرآماد نه پيو ڪيو وڃي. وپاري جيڪي ڪنهن به صورت ۾ ڪاروبار بند رکڻ تي تيار ناهن اُهي به ايس اوپيز تي عمل ڪرائڻ ۾ سهڪار نه پيا ڪن، بازارن ۾ دڪانن تي بغير ماسڪ جي گراهڪن جي داخلا تي پابندي آهي پر اڪثر بازارن ۾ دوڪاندار نا پابندي کي به نظر انداز ڪري رهيا آهن.

غربت جو خاتمو چاهيون ئي نه ٿا،سکڻيون دانهون ڪرڻيون آهن

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *