Saturday , April 20 2024

ڪرونا جي وبا؛ سپريم ڪورٽ ۽ وفاقي حڪومت پاران عيدالفطر جي شاپنگ لاءِ بازارون کولڻ جا نتيجا اچڻ لڳا

ڪرونا جي وبا، مئي دوران 48هزار ڪيسز ظاهر، گذريل 24ڪلاڪن ۾77 ڄڻا فوت

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس جي وبا دوران سپريم ڪورٽ ۽ وفاقي حڪومت عيدالفطر جي خريداري لاءِ ملڪ ۾ لاڪ ڊائون ختم ڪري سموريون بازرون کولڻ جا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن، سڀ کان وڌيڪ سنڌ متاثر، گذريل 24 ڪلاڪن دوران سنڌ ۾ 40 ۽ ملڪ ۾ مجموعي  نطور 77 ڄڻا موت جي منهن ۾ هليا ويا. سپريم ڪورٽ ڪرونا وائرس جي صورتحال ۽ حڪوم تي قدمن بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي دوران 20هين مئي 2020 کان عيدالفطر جي خريداري ۽ واپارين جي پريشانين کي ختم ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ لاڪ ڊائون سبب لاڪ ڊائون ختم ڪري سموريون بازارون کولڻ جو حڪم ڏنو هو. ملڪ ۾ عيدلافطر جي شاپنگ دوران شاپنگ مالز ۽ بازارن ۾ ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ جا نتيجا ملڻ شروع ٿي  ويا آهن.

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس خطرناڪ صورتحال سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 هزار 80 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ ملڪ ۾ ڪرونا جي وبا ۾ مبتلا مريضن جو مجموعي انگ وڌي 68 هزار 285 ٿي ويو آهي. 24 ڪلاڪن دوران صرف سنڌ ۾ 45 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، اهڙي طرح سنڌ ۾ وبا وگهي فوتين جو انگ وڌي 432 ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ وائرس ۾ مبتلا مريضن جو انگ وڌي 27 هزار 365 ٿي ويو آهي. ملڪ ۾ مجموعي طور تي  خيبرپختونخوا ۾ وڌيڪ 453 ڄڻا ڪورونا جو کاڄ بڻجي چڪا آهن، پنجاب ۾ 439، بلوچستان ۾ 46، اسلام آباد ۾ 23، گلگت بلتستان ۾ 11 ۽ آذاد ڪشمير ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.12 سئو 47 رڪارڊ نوازن ڪيس ظاهر ٿيا، پنجاب ۾ 1140، ڪي پي ۾ 473، بلوچستان ۾ 159، اسلام آباد ۾ 92 ۽ ڪشمير ۾ 7 ڪيس سامهون آيا.ڪورونا جي ڪيس ۾ سنڌ هن وقت پهرين نمبر تي آهي، جتي وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 27 هزار 307 ٿي ويو آهي، پنجاب ۾ 24 هزار 104، بلوچستان ۾ 4 هزار 87، اسلام آباد ۾ 21 سئو 92، گلگت بلتستان ۾ 678 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 234 ڪيس آهن.

اسان بنگالين ۽ ۽ برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ تحفظ ڏيندا رهنداسين، ڪنهن تڪليف ٿئي ٿي ته ڀلي ٿئي: نثار کهڙو

پ پ جي هڪ ٻي مهرباني! رحمان ملڪ، فاروق ايڇ نائيڪ، مولابخش چانڊيو سينيٽر سنڌ جا، ترقياتي ڪم پنجاب ۾ !!

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *