Thursday , April 18 2024

ڪرونا جي وبا،هڪ مهيني لاءِ تعليمي ادارا بند، سمورا امتحان به ملتوي

24نومبر کان 11 جنوري تائين رٿيل سمورا امتحان ملتوي، انٽري ٽيسٽ جا سمورا امتحان شيڊيول مطابق ايس او پيز تحت ٿيندا

تعليمي ادارا بند هجڻ دوران ٻارڙن کي شاپنگ مالز، تفريحي ماڳن ۽ پارڪس سميت ڪنهن به عوامي هنڌن تي وٺي وڃڻ جي اجازت نه هوندي

اسلام آباد (خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) پاڪستان ۾ ٻيهر تيزي سان پکڙجندڙ ڪرونا وائرس جي وبا جي نتيجي ۾ تعليمي ادارا هڪ مهيني لاءِ بند رکڻ ۽ 25 ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جون موڪلون، ڊسمبر دوران انٽري ٽيسٽ کانسواءِ سمورا امتحان به ملتوي، آن لائن ڪلاسز بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، فيصلو اسڪولز کان يونيورسٽيز تائين سمورن تعليمي ادارن تي لاڳو ٿيندو. وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت هيٺ تعليم بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي ( اين سي او سي) جي تعليم جي بين الصوبائي وزيرن جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ملڪ اندر وڌندڙ ڪيسز ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ وبا ۾ وڌيڪ تيزي اچڻ سميت مختلف معاملن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ پاران تعليمي ادارا بند نه ڪرڻ واري تعليم کاتي جي صوبائي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي تجويز اجلاس ۾ پيش ڪندي تعليمي ادارا کليل رکڻ جي تجويز ڏني. اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي وفاقي وزير شفقت محمود چيو ته، نئون تعليمي سال آگسٽ مهيني کان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪرونا جي وبا تيزي سان وڌڻ کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو آهي ته 26 نومبر کان  24 ڊسمبر تائين ڪرونا جي وبا سبب سمورا تعليمي ادارا بند ڪيا پيا وڃن، ان سان گڏ 25 ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جون موڪلون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. شفقت محمود چيو ته، تعليمي اداران ۾ ڪرونا ڪيسز جو تناسب 82 سيڪڙو کان به وڌي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، تعليم انتهائي ضروري آهي پر ٻارن جي صحت تي به ڪا سوديبازي نه ٿي ڪري سگهجي، صحت ۽ حياتي هوندي ته تعليم جاري رکي سگهبي. شفقت محمود ميڊيا بريفنگ ڏيندي چيو ته، نومبر ۽ ڊسمبر دوران جيڪي به امتحان ٿيڻا هئا اُهي به ملتوي ڪيا ويا آهن، ان دوران انٽري ٽيسٽ سميت هنري تعليم وارا امتحان پنهنجي پنهنجي شيڊيول مطابق ٿيندا. وفاقي وزير چيو ته آن لائن پڙهائي وارو نظام پهريان جيان جاري رهندو، ٻارن جي هوم ورڪ کي چيڪ ڪرڻ ۽ نئون هوم ورڪ ڏيڻ بابت طريقيڪار جاري رهندو.

پنجاب جي تعليم واري  وزير مراد راس پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته، پنجاب ۾ تدريسي عملي کي ٻن گروپس ۾ ورهائي هفتي ۾ 2 ڏينهن اسڪول اچڻو پوندو. هن چيو ته پنجاب پاران اها تجويز ڏني وئي آهي اسڪول بند ڪيا پيا وڃن ته شاپنگ مالز، بازارن ۽ تفريحي ماڳن تي ٻارن کي وڃڻ جي اجازت نه هوندي جيڪڏهن ائين ڪيو ويو ته پوءِ اسڪولز بند ڪرڻ جو ڪو به فائدو ناهي.

لمس ڄامشورو جي پرو وي سي يونيورسٽي ۾ بادشاهي قائم ڪري ورتي،17 کان وڌيڪ مختلف شعبن جو انچارج بڻيل

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *