Wednesday , May 31 2023
uren

ڪرونا جي خطرناڪ صورتحال، پاڪستان جي ڀارت کي سهڪار جي آڇ

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ    سنڌسماءَچار) پاڪستان ڀارت کي ڪرونا جي وبائي صورتحال ۾ سهڪار جي آڇ ڪري ڇڏي آهي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت کي ڪرونا جي موجوده صورتحال ۾ سهڪار جي آڇ نيڪ نيتي جي بنياد تي ڪئي آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان زاهد حفيظ چوڌري جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته، پاڪستان هن ڏکئي مهل ۾ انسانيت جي ناتي ڀارت جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ڪرونا جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڀارت کي وينٽيليٽرز، ڊجيٽل ايڪسري مشينز ميت لاڳاپيل ميڊيڪل ايڊ سپورٽ سامان مهيا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته اسان ڪرونا جي وبا ۾ ڀارتي عوام جي مشڪلاتن ۾ همدردي جو اظهار ڪيون ٿا.

موبائل فون تي عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا جا واقعا، قصو ڇا آهي؟

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ انوائرمينٽل ٽربيونل ملير ايڪسپريس وي جي اڏاوت لاءِ 30 شرط رکي ڇڏيا

Share this on WhatsApp ڪراچي(چيف رپورٽر  سنڌسماءَچار) سنڌ انوائرمينٽل پروٽيڪشن ٽربيونل؛ ملير ايڪسپريس وي جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *