دادو(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ميهڙ ويجهو 10 ٿاڻن جي پوليس ڊي ايس پي جي اڳواڻي ۾ ٻن ڳوٺن تي چڙهائي ڪري يوسي چيئرمين ۽ سندس ٻن پٽن جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار جي ڀاءُ سميت 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو. ڊي ايس پي جي اڳواڻي ۾ 10 ٿاڻن جي پوليس جو ٻن ڳوٺن مرزا واهه ۽ ننڍي ڊرٻ کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن ڪيو. يوسي چيئرمين ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس ٻن پٽن جي قتل جي مک جوابدار مرتضيٰ چانڊيو جي وڏي ڀاءُ احمد رضا چانڊيو سميت 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي تمندار ڪائونسل جي چيئرمين صدا حسين چانڊيو ۽ سندس ڀيڻ ايڊووڪيٽ ام رباب سمورن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ 3 جون تي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي.
Check Also
وفاقي ڪابينا پگهارون ۽ مراعتون نه وٺندي، سرڪاري لگزري گاڏيون ۽ وڏا گهر نيلام ٿيندا
Share this on WhatsAppڪابينا جي سمورن ميمبرن جون پگهارون ۽ ٻيون مالي مراعتون ختم ڪري …