Friday , April 19 2024

ڪراچي ۾ هڪ ئي هنڌ هڪ وقت 100ماڻهن کان ڦر، هڪ قتل،3 زخمي

ڪراچي ( ڪرائيم رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڪراچي ۾ ڦرن ۽ ڌاڙن جا واقعا وڌي ويا، ڦورن جي ديدادليري، ڪورنگي جي ڪاز وي تي روڊ بلاڪ ڪري شهرين کا 35 منٽن تائين ڦر. ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات جو ڪورنگي صنعتي علائقي ڄام صادق پل چورنگي کان بلوچ ڪالوني طرف ويندڙ لنڪ روڊ ڪاز وي تي ڏهه کان ٻارنهن ڦورن پهريان ٽريفڪ جام ڪري روڊ بلاڪ ڪيو، شهرين موجب ڦورو سري عام روڊ بلاڪ ڪري گاڏين ۾ سوار شهرين کان روڪ رقم، موبائل فونز ڦر ڪندا رهيا، متاثر شهرين جو چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهن مددگار ون فائيو تي فون ڪري اطلاع به ڪيو پوليس ۽ رينجرز جي ڪا به ٽيم نه پهتي. ڦورن عورتن کان به زبردستي سونا زيور ۽ ٻيو سامان ڦر ڪيو، ڪنهن شهري مرد يا عورت مزاحمت ڪئي ته هٿياربند ڦورو مٿن تشدد  ڪندا رهيا ۽ لکين رپيا روڪ توڙي هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهن کان ڦرلٽ ڪري آساني سان فررار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

هڪ ٻئي واقعي ۾ سائيٽ جي حبيب بئنڪ واري علائقي ۾ شهرين کان ڦر ڪري رهيا هئا، هڪ شخص ڦورن سان مزاحمت ڪئي، جنهن تي هٿياربند ڦورن فائرنگ ڪريس کيس زخمي ڪري وڌو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موقعي تي پهچي هڪ ڦورو کي گرفتار ڪري ورتو جنهن جي سڃاڻپ عمران جي نالي سان ڪئي وئي آهي، سندس قبضي مان پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن، پوليس موجب سندس ٻه ساٿي فرار ٿي ويا. نيو ڪراچي ۽ گلشن اقبال وارن علائقن ۾ به ڦر دوران مزاحمت تي ڦر دوران مزاحمت تي زخمي ٿي پيا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *