Friday , March 29 2024

ڪراچي ۾ لوڊ شيڊنگ جو نيپرا نوٽيس ورتو، جاچ ڪميٽي قائم

اسلام آباد( رپورٽر   سنڌ سماءَ چار) ڪراچي ۾ جاري اڻ اعلانيل ڪلاڪڪن جا ڪلاڪ بجلي جي بندش جو نيپرا سخت نوٽيس وٺندي معاملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڪميٽي هلندڙ هفتي دوران  ڪراچي اچي معاملي جي ڇنڊڇاڻ ڪندي.نيپرا ترجمان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو آهي ته ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ جو نوٽيس ورتو ويو آهي.

ترجمان موجب لوڊشيڊنگ واري معاملي تي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي به جوڙي وئي آهي جيڪا سڀاڻي کان 3 ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچندي. ڪراچي ۾ گرمي شروع ٿيندي ئي بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ به واڌ ٿي وئي آهي، ڪي اليڪٽرڪ طرفان مختلف علائقن ۾ 10 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي جنهن سبب شهري سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا سوئي گيس طرفان گئس نه ملڻ جو بهانو بڻايو پيو وڃي جڏهن ته سوئي گئس طرفان شهر ۾ لوڊشيڊنگ جو ذميوار ڪي اليڪٽرڪ کي قرار ڏنو پيو وڃي.

ڪي اليڪٽرڪ قانون، قائدن ۽ ضابطن جون ڌڄيون اڏائيندي سئو سيڪڙو بل ادا ڪندڙ رهائشي ۽ ڪاروباري مرڪزن ۾ به 4 کان 6 ڪلاڪن تقائين لوڊشيڊنگ ڪري رهي آهي، جنهن سبب عام زندگي جو وهنوار ۽ ڪاروباري سرگميون سخت متاثر ٿي رهيون آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *