Friday , April 19 2024

ڪراچي ۾ برسات، گهر جي ڇت ڪري پئي، 3 ٻار ماءُ سميت فوت

ڪراچي( چيف رپورٽ    سنڌسماءَچار) ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن کان وقفي وقفي سان جاري برسات، رات دير سان تيز برسات دوران اورنگي ٽائون جي ايم پي آر ڪالوني ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 3 ٻارڙن سميت 4 گهر ڀاتي دٻجي فوت ٿي ويا. اربع ۽ خميس جي وچ واري رات دير سان ڪراچي ۾ تيز برسات دورام شحر جي قصبا ڪالوني جي ايم پي آر پاڙي واري علائقي ۾ گهر جي ڇت ڪري پئي. گهر جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ننڊ ۾ ستل 3 معصوم ٻارڙا ۽ سندن ماءُ پيءُ دٻجي ويا. گهر جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 10 سالن جو نصيب4 سالن جو بشير، 7 سالن جي مينا، ٻارڙن جي  امڙ مسمات خاوا دٻجي فوت ٿي ويا، ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ گهر ڌڻي رسول سعيد دٻجي زخمي ٿي پيو، علائقي واسين جي اطلاع تي امدادي رضاڪار ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي ڪريل گهر جي ڍير کي هٽائي لاش ۽ زخمي ٿيل گهر ڌڻي رسول سعيد کي ڪڍي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو، جتي اڄ قانوني ڪارروائي بعد وارثن جي حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته زخمي ٿيل رسول سعيد جو علاج هلندڙ آهي، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته زخمي جي حالت خطري کان ٻاهر آحي پر اڃا تائين کيس گهر ڀاتين جي فوت ٿيڻ بابت ناهي ٻڌايو.

Advertisement

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *