Friday , March 29 2024

ڪراچي: شانتي نگر مان غيرقانوني اڏاوتون هٽايو: سنڌ هاءِ ڪورٽ

سنڌ هاءِ ڪورٽ گلشن اقبال جي علائقي شانتي نگر ۾ غيرقانوني  اڏاوتن واري ڪيس ۾ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ ٻين ادارن کان 6 اپريل تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

عدالت ۾ شهري جنيد ڀٽو درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته اقبال ٽائون جي شانتي نگر واري علائقي ۾ پلاٽن تي قبضا ڪري غير قانوني اڏاوتون ڪيون ويون آهن.

درخواست گذار اهو پڻ چيو آهي ته پوليس کي اطلاع ڏنو پر پوليس ڪاروائي ڪرڻ بدران کيس موت مار ڌمڪيون پئي ڏئي.

عدالت سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ ٻين ادارن کان 6 اپريل تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

ٻي طرف ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي گلستان جوهر ۾ قبضا مافيا خلاف ڪارروائيون ڪندي پلاٽ تي غير قانوني قبضو ڪري اڏاوت ڪيل عمارت کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو آهي.

ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي انتظاميا موجب پارڪ جي زمين تي غير قانوني  طور ڪاليج تعمير ڪيو ويو جنهن کي ڊاهي قبضو خالي ڪرايو ويو آهي.

ڪي ڊي اي انتظاميا موجب فلاحي ڪمن لاءِ ڏنل پلاٽ تي بااثرن قبضا ڪري ناجائز اڏاوتون قائم ڪيون آهن جن کي ڊاهي پلاٽن تان قبضا ختم ڪرايا ويندا.

انتظاميا چيو ته قبضو ڪندڙ ڪيترا بااثر هجن پر سندن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

ملير جي سومار ڳوٺ ۾ پاڻي جي کوٽ، رهواسين جو احتجاج

ملير (رپورٽر   سنڌسماءَچار) سومار جوکيو ڳوٺ جي رهواسين پاڻي جي کوٽ خلاف ملير پريس ڪلب …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *