Saturday , April 20 2024

ڪراچي: سنڌ جو گورنر سعيد الزمان صديقي 80 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

سنڌ جو گورنر سعيد الزمان صديقي 80 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو سعيد الزمان صديقي ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪراچي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ داخل هو سعيد الزمان صديقي کي سيني ۽ ساهه ۾ مونجهه واري بيماري هئي سنڌ جو گورنر رٽائرڊ جسٽس سعيد الزمان صديقي 78 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سنڌ جو 31 هين گورنر حلف کڻڻ کانپوءِ لڳاتار بيمار هو، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه گورنر جي لاڏاڻي تي هڪ ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. ترجمان گورنر هائوس، گورنر سعيد الزمان صديقي جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي چيو ته کيس سيني ۽ ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿي رهي هئي، اڄ طبيت بگڙي وڃڻ سبب نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هو لاڏاڻو ڪري ويو. سعيد الزمان صديقي گذريل سال 2016 جي نومبر مهيني جي يارهين تاريخ تي گورنر سنڌ جي عهدي جو حلف کنيو ۽ صوبي جو 31 هون گورنر بڻيو. گورنر سعيد الزمان صديقي جي لاڏاڻي بعد سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني وقتي گورنر ٿي ويو، سعيد الزمان صديقي 1937ع ۾ ڀارت جي شهر لکنئو ۾ پيدا ٿيو، 1954ع ۾ هُن ڍاڪا يونيورسٽي مان انجنيئرنگ ۾ گريجوئيشن ڪئي. رٽائرڊ جسٽس سعيد الزمان صديقي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس رهي چڪو آهي ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جو عهدو به سنڀالي چڪو آهي. 1999ع دوران مشرف دوران ۾ پي سي او تحت حلف کڻڻ کان انڪار ڪرڻ تي سعيد الزمان صديقي کي گهرڀاتين سوڌو نظربندي به ڀوڳڻي پئي هئي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه گورنر جي لاڏاڻي تي هڪ ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. صدر ممنون حسين، وزيراعظم نوازشريف، سينيٽ چيئرمين رضا رباني ۽ ٻين گورنر سعيد الزمان صديقي جي لاڏاڻي تي افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم نوازشريف چيو ته جج جي حيثيت ۾ سعيد الزمان صديقي سدائين غير جانبدار رهي انصاف فراهم ڪيو، غير جمهوري قوتن خلاف سندس مزاحمت جي ڀيٽ نه ٿي ڪري سگهجي. نوازشريف چيو ته رٽائرڊ جسٽس سعيد الزمان صديقي ڪڏهن به اصولن تي سوديبازي نه ڪئي، سندس قانون جي حڪمراني ۽ عدليه جي خدمتن کي نه ٿو وساري سگهجي

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *