Friday , March 29 2024

ڪراچي: سنڌڪابينا جو اجلاس،آدم شماري کان اڳ سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ وارو مرحلو جلد مڪمل ڪيو وڃي: وڏو وزير

ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه نادرا کي آدمشماري کان اڳ ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ لاءِ موبائل وين سروس شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، مراد علي شاهه چيو آهي ته آدمشماري جي قانوني ۽ سياسي حيثيت آهي، انڪري آدمشماري درست طريقي سان ٿيڻ گهرجي، وڏي وزير فارم ۾ گجراتي ٻولي شامل نه ڪرڻ تان ڊي جي نادرا کان سوال ڪيو ته قائداعظم به گجراتي هو، ان جو مطلب آهي ته قائداعظم جي برادري کي آدمشماري ۾شامل نه پيو ڪيو وڃي؟ سنڌ ڪابينا جو اجلاس وڏي وزير جي صدارت هيٺ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير، چيف سيڪريٽري، ڊي جي رينجرز، ڊي آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي نادرا شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ امن امان ۽ ٻين معاملن خاص طور آدمشماري بابت غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس دوران ڊي جي نادرا آصف باجوه بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته آدمشماري 15 مارچ کان شروع ٿيندي جيڪا 15 اپريل تائين جاري رهندي. ڊي جي نادرا بريفنگ ۾ چيو ته هڪ ئي گهر ۾ رهندڙ هڪ کان وڌيڪ ڪٽنبن کي سندن ڌار رڌڻي جي حساب سان ڳڻيو ويندو، آدمشماري لاءِ 28 هزار کان وڌيڪ عملي کي 4 فيبروري کان تربيت ڏني ويندي، ڪيمپن ۾ رهندڙ پناهگيرن ۽ سفارتڪارن جي ڳڻپ نه ٿيندي پر رڪارڊ لاءِ ڌار ڳڻپ ڪئي ويندي. صوبائي وزير منظور وساڻ آدمشماري فارم ۾ گجراتي ٻولي کي شامل نه ڪرڻ تي اعتراض واريندي فارم ۾ گجراتي، بوهري ۽ پارسي کي به ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، جڏهن ته کٽومل جيوڻ لاڏائو ۽ بي گهر ٿيلن کي به ڳڻڻ جو مطالبو ڪيو. وڏي وزير مراد علي شاهه آدمشماري فارم ۾ گجراتي ٻولي شامل نه ڪرڻ تي ڊي جي نادرا کان سوال ڪيو ته فارم گجراتي ٻولي کي شامل نه ڪرڻ جو مطلب ته قائد اعظم جي ڪميونٽي کي آدمشماري ۾ شامل نه ڪيو ويندو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته آدمشماري جي قانوني ۽ سياسي حيثيت آهي، تنهنڪري آدمشماري درست طريقي سان ٿيڻ گهرجي. مراد علي شاهه ڪنهن به ٻاهرين ماڻهو کي آدمشماري ۾ شامل نه ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڊي جي نادرا کي ماڻهن کي فوري طور سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ لاءِ موبائل سروس شروع ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. ڊي جي نادرا وڏي وزير کي آگاهي ڏني ته بنا سڃاڻپ ڪارڊ وارن ماڻهن کي به ڳڻيو ويندو پر سڃاڻپ ڪارڊ نه هجڻ واري معاملي کي رڪارڊ جو حصو بڻايو ويندو. ڊي جي نادرا چيو ته موبائل سروس ذريعي روزانو هڪ سئو سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي سگهجن ٿا، جنهن تي وڏي وزير نادرا جي ڊائريڪٽر جنرل کي موبائل گاڏين جو انگ وڌائڻ جي هدايت ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *