Friday , April 19 2024

ڪراچي: سنڌسرڪار نيٺ ڪيٽي بندر رٿا تي سنجيده فيصلو ڪري ورتو

keti bander 03

سنڌ حڪومت وڏي عرصي کانپوءِ نيٺ ڪيٽي بندر رٿا بابت سجنيده فيصلو ڪندي اهم فيصلا ڪري ورتا آهن.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪيٽي بندر رٿا جي قيام لاءِ اهم قدم کڻندي ڪي ٽي بندر تائين سامان ۽ مشينري پهچائڻ لاءِ جيٽي جي تعمير، ريلوي لائين وڇائڻ ۽ پاور پلانٽ جي تنصيب جي فزيبلٽي اسٽڊي لاءِ بين الاقوامي ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيو آهي.

وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪي ٽي بندر بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي وڏي وزير چيو ته ڪي ٽي بندر منصوبو اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترما بينظير ڀٽو شروع ڪيو هو، هاڻي سندس ئي پارٽي جي سنڌ حڪومت ڪي ٽي بندر جي ميگا منصوبي کي حقيقت جو روپ ڏئي رهي آهي. وڏي وزير کي آگاهي ڏيندي توانائي واري سيڪريٽري آغا واصف چيو ته ميسرز برج سيڪٽر ڪنسورشيم کي مقرر ڪيو آهي. اها فرم ڪي ٽي بندر منصوبي جي فزيبلٽي اسٽڊي تيار ڪندي. ان اسٽڊي ۾ ٿر ڪول فيلڊ مان ڪي ٽي بند تائين 450 ڪلوميٽر ريلوي لائين وڇائڻ، ڪي ٽي بندر ۾ 320 ميگا واٽ جي پاور پلانٽ جنهن کي 10 هزار ميگا واٽ تائين وڌائي سگهجي ٿي.

keti bander 01

فزيبلٽي اسٽڊي لڳائڻ پاور هائوس لاءِ اوزار ۽ مشينري پهچائڻ لاءِ جيٽي جي ترقي شامل آهي. هن چيو ته انوائرنمينٽل اسٽڊي به فزيبلٽي جو اهم حصو هوندو. آغا واصف چيو ته وڏي وزير جي به توانائي کاتي، اسٽڊي تي 326.44 ملين رپيا لاڳت ايندي ۽ ان ۾ سڀني ترقياتي رخن جو احاطو ڪيو ويندو. ڪنسلٽنت بزنس پلان به تيار ڪنداسين ۽ حڪومت جي مالي معاملن جي حوالي سان مدد به ڪنداسين. هن چيو ته اها فزيبلٽي 10 مهينن ۾ پوري ٿيندي ۽ اهو منصوبو سي پيڪ جو حصو بڻجڻ وڃي پيو جنهن ڪري چائنا کان پڻ سرمائيداري جي اميد آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *