Thursday , March 28 2024

ڪراچي سرڪلر ريلوي جي زمين تي قبضا ٿيندا رهيا ته انتظاميا ڪٿي هئي: مراد علي شاهه

 karachi-circular-railway4
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي سرڪلر ريلوي جي زمين تان حد دخليون فوري طور هٽائڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته هاڻي مذاق ختم ٿيڻ گهرجي انتظاميه ۽ پوليس حد دخليون هٽائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن، جتي به قبضا ٿيندا اتان جي لاڳاپيل عملدار خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچي سرڪلر ريلوي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وڏي وزير کي سرڪلر ريلوي جي زمين تي قبضن ۽ گهرن جي اڏاوت بابت بريفنگ ڏني وئي.
بريفنگ ۾ چيو ويو ته سرڪلر ريلوي جي زمين تي ڪچا پڪا گهر ٺهيل آهن، تنهنڪري انهن کي بيدخل ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

karachi-circular-railway1 karachi-circular-railway2
وڏي وزير چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي کي وڏي مشڪل سان سي پيڪ منصوبي ۾ شامل ڪرايو آهي، عوامي منصوبي کي هر صورت ۾مڪمل ڪرايو ويندو.
وڏي وزير ڪراچي سرڪلر ريلوي جي زمين تان فوري طور قبضا هٽائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته جڏهن قبضا ٿيندا آهن ته ان وقت ضلعي انتظاميه ۽ پوليس ستل هوندي آهي ڇا؟
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سرڪلر ريلوي جي زمين تي 2013 تي ويٺل ماڻهن کي معاوضو ڏيڻ بابت سوچيو ويندو، باقي جتي جتي به قبضا آهن اهي فوري طور هٽايا وڃن.

karachi-circular-railway3

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *