Thursday , March 28 2024

ڪراچي-حيدرآباد موٽروي جي نالي تي سنڌ سان هڪ وڌيڪ ويساهه گهاتي – حبيب ناريجو

Habib NarejoKarachi-Hyderabad-Motorway-Route-Map-136-KM

خير سان 136 ڪلوميٽر ڊگھي ڪراچي حيدرآباد موٽروي جي 75 ڪلوميٽر مڪمل ٿيڻ تي ئي ان جو افتتاح ٿي چڪو آھي..۽ اڄ کان موٽر وي جي ڪار ٽال ٽيڪس 30 روپين مان وڌي 130 روپيا ٿي چڪي آھي.
حالانڪہ نيشنل ھاء وي جي پري بڊ ميٽنگ ۾ ٿيل فيصلي موجب موٽر وي جي مڪمل تعمير ٿيڻ تائين ٽول ٽيڪس ۾ ڪنھن به قسم جو اضافو نہ ڪرڻو ھيو.
پر ان کان به وڌيڪ جيڪا ويساھ گھاتي ٿي آھي اھا آھي موٽر وي جي نالي ۾ سنڌ جي زمين تي وفاق جو قبضو.
ڪراچي حيدرآباد سپر ھاء وي 1964 کان 1968 تائين ورلڊ بينڪ جي مدد سان تعمير ٿيو. جيڪو سنڌ حڪومت جي ملڪيت ھيو.
1990 تائين ان جو ٽولي ٽيڪس به سنڌ حڪومت طرفان وصول ڪيو ويندو ھيو.
1999 ۾ نواز حڪومت جي پڇاڙڪن ڏهاڙن ۾ وفاق، سپر ھاء وي تي پنھنجو قبضو ڄمايو جنھن جي ان وقت جي سنڌ حڪومت ڪا به مزاحمت نه ڪئي ۽ ٽول پلازہ کان ويندي پٽرول پمپس ۽ هوٽلن جي آمدني مان ملندڙ ٽيڪس خاموشيءَ سان وفاق جي حوالي ڪري ڇڏي.
سپر ھاء وي جي حوالگي جو سبب اھو ٻڌايو ويو تہ نيشنل حاوي اٿارٽي ان کي عالمي معيار جي موٽر وي ۾ تبديل ڪندي. جيڪو ڪم سنڌ حڪومت جي وس ۾ نه ھيو.
پرويز مشرف جي حڪومت ايندي ئي ڪراچي حيدرآباد موٽر وي تہ نه ٺھيو پر وفاق سپرھاء وي جي ٽيڪس اوڳاڙيندو رھيو.
نيٺ 2005 ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ تحت اسٽينڊرڊ ڪنسٽرڪشن ڪمپني کي 7 ارب روپين عيوض پنجويهه سالن تائين ٽيڪس اوڳاڙي مان وصولي جي بنياد تي 136 ڪلوميٽر روڊ کي ڇھن لينن ۾ تبديل ڪرڻ، ست انٽر چينج ٺاھڻ جو ٺيڪو ڏنو ويو پر ڪمپني گھربل سو ڏينھن ۾ پيسا گڏ نه ڪري سگھي ۽ ٺيڪو رد ٿيو.. 2011 ۾ وري ملائيشن ڪمپني بينا پوري سان 28 سالن جي ٽيڪس اوڳاڙي جي بنياد تي ٺيڪو ڏنو ويو، جيڪو پڻ ڪمپني طرفان گھربل ٽائيم ۾ پيسا گڏ نه ڪرڻ سبب ختم ٿيو..
نيٺ 2014 ۾ ايف ڊبليو او کي پنجويهه سالن جي ٽيڪس اوڳاڙي جي بنياد تي ڪم ڏنو ويو.
يوبي ايل بينڪ ھن منصوبي لاء 25 ارب روپيا ڏنا آھن جڏھن تہ منصوبي جي ڪل لاڳت اٽڪل اٺٽيھ ارب روپيا ٿيندي.
پنجويهه سالن ۾ ايف ڊبليو او پنھنجي سيڙپ بينڪ جو قرض لاهڻ کان پوء نيشنل ھاء وي کي 143ارب روپيا جڏھن تہ وفاق کي مختلف ٽيڪسن جي مد ۾ 109 ارب روپيا ادا ڪندو.
سنڌ کي ڇا مليو..؟؟
وفاق کي سپرھاء وي حوالي ڪرڻ وقت جيڪو دليل ڏنو ويو ھيو تہ وفاق ھن روڊ کي عالمي معيار جو موٽر وي بنائيندو اھو صرف ھي روڊ ۽ ان سان گڏ 360 ميٽر قيمتي زمين تي قبضو ڪرڻ کان سواء ڪجھ به نه ھيو.
وفاق ھن روڊ تي سيڙپ تہ ٽوپيون به نه ڪئي البتہ ايندڙ پنجويهه سالن ۾ اڍائي سو ارب روپيا سڌي ٽيڪس ۽ ايتري ئي رقم ڪجھ اڻ واسطيدار ٽيڪسن جي مد ۾ ڪمائيندو جڏھن تہ سنڌ جي ماڻھن جي نصيب ۾ ايف ڊبليو او جي دڙڪن دھمانن ۽ ڳرن ٽيڪسن کان سواء ڪجھ به پلئہ نه پيو..
جڏھن تہ پيار پيسن سان روڊ ٺاھڻ وارو تجربو ئي ڪرڻو ٻيو تہ سنڌ حڪومت اھو ڪم آسانيءَ سان ڪري پئي سگھي، اھڙو تجربو حيدرآباد – ميرپور خاص روڊ ٺاھڻ سان ٿي چڪو آھي. ان لاء وفاق جي حوالي ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪھڙي ھئي جڏھن وفاق ان تي ھڪ روپيو به خرچ ناھي ڪيو.
پنجاب جي حڪومت رڳو لاھور رنگ روڊ تي 1125 ارب روپيا خرچ ڪيا آھن جنھن جي سڄي آمدني به پنجاب حڪومت کي ملندي.
جڏھن تہ ڪراچي حيدرآباد موٽر وي جو ڪل خرچ 38 ارب رپيا آھي جنھن مان به يو بي ايل پنجويھ ارب رپيا قرض ڏنو اھي.. ايف ڊبليو او صرف تيرهن ارب روپين جي سيڙپ ڪاري سان پنجويھن سالن تائين ٽيڪس اوڳاڙي ڪندي.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *