Friday , March 29 2024

ڪراچي جي 40 کان وڌيڪ رهائشي منصوبن ۾ عوام کي اجها ملڻ مشڪل بڻجي ويا، اربين رپيا ٻڏڻ جو خطرو وڌي ويو

سلمان ٽائون نيشنل هاءِ وي، عبدالله مراد سٽي گڏاپ، حاجي حاڪم علي زرداري ٽائون ۾ سيڙپ ڪندڙ جا ڪروڙين رپيا ٻڏڻ جو خطرو

ڪراچي جا 40 کان وڌيڪ غيرقانوني رهائشي منصوبن ۾ عوام جا سيڙايل ڪروڙين رپيا داءَ تي لڳي ويا

همدرد سٽي، عريشه سٽي، پاڪ چائنا ٽائون، عريشه سٽي بند مراد، صائما رينج، نيا ناظم آباد جا منصوبا به قانوني جي ابتڙ اڏيا ويا

ڪراچي(رپورٽ: آفاق ڀٽي    سنڌ سماءَ چار) ڪراچي ۾ 40 کان وڌيڪ رهائشي منصوبا غيرقانوني هئڻ جو انڪشاف، پنهنجو اجهو حاصل ڪرڻ جي آسري تي عوام جا اربين رپيا ٻڏڻ جو خدشو، سيڙپڪارن کي مالي گهاٽو، غيرقانوني نجي رهائشي منصوبن بابت سنڌ بلڊنگس ڪنٽرول اٿارٽي عجوام کي آگاهي ڏيڻ لاءِ فهرستون جاري ڪري ڇڏيون آهن. ڪراچي ۾ گهٽ اگهن ۽ قسطن تي پلاٽ، فليٽس ۽ بنگلن سميت ڪمرشل ملڪيتون ڏيڻ جي نالي تي ڪراچي ۾ پنهنجو اجهو حاصل ڪرڻ جي آسري تي ويٺل لکين ماڻهن جا ڪروڙين رپيا جعلساز بلڊرز  ٻوڙي ڇڏيا آهن، پراپرٽي آئيڪون ملڪ رياض ۽ حبيب گروپ جهڙا ٻيا کوڙ سارا ننڍا وڏا گروپ آهن، جيڪي ٽيهه سالن جي پولٽري فارمز، زرعي فارمز ۽ ڊيري فارمز جي نالي ليز تي ورتل زمينون دستاويزن ۾ هيراڦيري ذريعي رهائشي سوسائٽيون، رهائشي پلازا ۽ ڪمرشل پروجيڪٽس ذريعي عام ماڻهن توڙي سيڙپڪارن جا اربين رپيا ٻوڙي ڇڏيا آهن. ان سلسلي ۾ سنڌ بلڊنگس ڪنٽرول اٿارٽي جي ذريعن کان سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق، مختلف بلڊرز جا 42 اهڙا منصوبا جعل سازي جي ذريعي شروع ڪري اربين رپيا وصول ڪيا ويا آهن، اهڙي جعل سازي ۾ بورڊ آف روينيو، لينڊ يوٽيلائزيشن، سنڌ بلڊنگس ڪنٽرول اٿارٽي، ڪي ڊي اي، ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي، لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي جا ڪامورا۽ ڊپٽي ڪمشنرز ڪامورا به برابر جا شريڪ رهيا آهن.

سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق. گلوبل فنانشل سالويشن (جي ايف ايس ) جو رهائشي منصوبو نارت ٽائون فيز به شامل آهي، جنهن ۾ 80 ۽ 120 گزن جي پلاٽن ۽ بنگلن جي بڪنگ ڪئي وئي آهي، ساڳئي بلڊرز جو نارٿ ٽائون فيز ٽو وارو منصوبو به شامل آهي، ايس بي سي اي موجب جنهن زمين تي نارٿ ٽائون فيز ون واري زمين پولٽري لينڊ  / ناڪلاس جي زمين آهي، جنهن جي دستاويزن ۾ هيراڦيري ڪئي وئي آهي. سرجاڻي ٽائون جي  بابا موڙ واري علائقي ۾ ايم ڪامل بلڊرز جي جو صدف ڊريم اپارٽمينٽ جو منصوبو به شامل آهي. ديهه ڄام جکرو ۾ سحر بلڊرز جو سحر ڪاٽيجز وارو منصوبو به پولٽري لينڊ / ناڪلاس زمين تي قائم ڪيو ويو آهي. ايس بي سي اي جي جاري ڪيل فهرست مطابق طرح ديهه هلڪاڻي ۾ انابيه انڪليو، منگهوپير واري علائقي ۾ ڪنگ بلڊرز جو الاحمد ٽائون، احسن سٽي، ديهه بند مراد منگهوپير ۾ گلشن بلال، صائمه بلڊرز جو ديهه مراد ۾ لاله زار رهائشي منصوبو، غريب آباد ڳوٺ ديهه مراد بلاڪ نمبر 345 ۽ 346، ڳوٺ حضرت آباد، رئيس ڳوٺ، المنزل بلڊرز جو المصفاءِ منصوبو، ڪي ايس ايف بلڊرز جو رهائشي منصوبو علي ٽائون به ايس بي سي اي کان بنا اين او سي حاصل ڪرڻ ۽ ٻيون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانسواءِ شروع ڪري ماڻهن کان ڪروڙين رپيا ڦريا ويا آهن.

پيپلزپارٽي ملير جي اڳواڻ سلمان مراد بلوچ جي سلمان بلڊرز جو منصوبو سلمان ٽائون نيشنل هاءِ وي، عبدالله مراد ڊريم سٽي گڏاپ به قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانسواءِ شروع ڪيو ويو آهي، ان جو نالو به فهرست ۾ شامل آهي، غيرقانوني توڙي اين او سي کانسواءِ شروع ڪيل رهائشي منصوبن ۾ گلشن سمير ديهه ٿاڻو گڏاپ، آئيڊيل سٽي، ، بروڪ سٽي، ايرج بلڊرز جو منصوبو ايرج سٽي ديهه بند مراد، ماريه سٽي گڏاپ ٽائون، الصفاءَ سٽي اسڪيم 33، عبدالله مراد سٽي گڏاپ، پاڪ لينڊ هائوسنگ جو شيراز ٽائون، ديهه مراد بند ۾ گلشن علي، سپر هاءِ وي تي واقع گلشن نور، القاسم سٽي سپر هاءِ وي شامل آهن، اهڙن منصوبن ۾ مڪه سٽي سپر هاءِ وي، مدينا سٽي، عثمان ٽائون، علي حسن بروهي ٽائون، ديهه هلڪاڻي ، ديهه مائي ڳاڙهي ۽ ديهه بند مراد ۾ موجود منصوبي حاجي حاڪم علي زرداري ٽائون به شامل آهي.

ايس بي سي ي پاران جاري ڪيل فهرست ۾سرجاڻي ٽائون ۾ مليحه بلڊرز جو مليحه ٽاور، حاجي جاڙو گرينڊ ٽائون، گلستان فاطمه ديهه گنڊ پاس، زيباءَ زهري هوٽل پيٽرول پمپ، همدرد سٽي، عريشه سٽي، پاڪ چائنا ٽائون ناردرن باءِ پاس، عريشه سٽي بند مراد، ديهه ناگن ۾ صحت سٽي، ديهه هلڪاڻي ۾ صائما رينجز، نيا ناظم آباد جا منصوبا شامل آهن، اهي سمورا منصوبا ايس بي سي اي کان اين او سيز وٺڻ کانسواءِ شروع ڪيا ويا ۽ ان سان گڏوگڏ ٻيون به ڪيتريون ئي قانوني گهرجون پوريون ناهن ڪيون ويون يا وري دستاويزن ۾ هيراڦيري ڪري قانوني گهرجن کي مڪمل ڄاڻايو ويو آهي. انهن سمورن منصوبن خلاف ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سنڌ بلڊنگس ڪنٽرول اٿارٽي وڏي ڪارروائي ڪرڻ واري آهي.

ڊپٽي ڪمشنر ويسٽ ڪراچي فياض سولنگي صنعتڪار عارف حبيب خلاف ميدان ۾ اچي ويو

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *