Wednesday , April 24 2024

ڪراچي جي ڪوآپريٽو مارڪيٽ کي ڪيميڪل هاري باهه ڏيڻ جو انڪشاف

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) ڪراچي جي ڪاروباري حب صدر جي ريگل چوڪ ڀرسان پراڻي شاپنگ سينٽر کي ڪيميڪل هاري باهه ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، متاثرن جو چوڻ آهي ته ڪوآپريٽو مارڪيٽ جي 500 دڪانن جي  مارڪيٽ کي 10 منٽن اندر باهه وڪوڙي وڃي، اهڙي باهه عام باهه نٿي ٿي سگهي. گذريل آچر تي ريگل چوڪ ڀرسان قائم ڪپڙي جي مارڪيٽ ڪوآپريٽو مارڪيٽ ۾ لڳل باهه بابت متاثر دڪاندارن الزام هنيو آهي ته، جنهن انداز سان باهه دڪانن کي وڪوڙي وئي اها عام باهه نٿي ٿي سگهي، ميڊيا رپورٽس مطابق متاثر دڪاندارن الزام هنيو آهي ته، ڪوآپريٽو مارڪيٽ کي باهه ڪيميڪل هاري ڏني وئي، ڏهن منٽن اندر 500 کان وڌيڪ دڪانن کي لڳل باهه شارٽ سرڪٽ يا ڪنهن عام سبب جيڪري نٿي لڳي سگهي. ميڊيا رپورٽس موجب دڪاندارن جو چوڻ هو ته ڪوآپريٽو مارڪيٽ ۾ گارمينٽس جا دڪان، ڪپڙن سبڻ جا ننڍا ننڍا گارمينٽس يونٽ، ڪپڙي جا گدام ۽ دڪان آهن، ان کان علاوهه به مختلف قسمن جا دڪان ڪوآپريٽو مارڪيٽ ۾ هئا. باهه لڳڻ جي نتجي ۾ 10 ارب رپين کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته باهه لڳڻ جي جاچ ڪرائي متاثر سمورن دڪاندارن جي مدد ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *