Friday , April 26 2024

ڪراچي: امن امان هر صورت ۾ قائم ڪيو ويندو، ڪراچي ملڪي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهي: آرمي چيف

ڪراچي:

آرمي چيف قمر جاويد باجوا چيو آهي ته ڪراچي کي دهشتگردن کان پاڪ ڪيو ويندو ۽ شهر ۾ امن جي قيام لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪم ڪندا رهندا ڪراچي جي واپارين ۽ صنعتڪارن آرمي چيف سان ملاقات دوران چيو ته ڪراچي کي گندو شهر بڻايو ويو آهي ۽ سنڌ حڪومت پنهنجيون ذميواريون ٺيڪ طريقي سان نه پئي نڀائي.
ڪراچي جي واپارين ۽ صنعتڪارن جي 40 رڪني وفد ڪراچي جي دوري تي آيل آرمي چيف سان ملاقات ڪري شهر جي مسئلن بابت کيس آگاهي ڏني.
ايف پي سي سي آءِ جي صدر زبير طفيل موجب آرمي چيف چيو ته ڪراچي کي دهشتگردن کان پاڪ ڪيو ويندو ۽ شهر ۾ امن جي قيام لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪم ڪندا رهندا.
آرمي چيف چيو ته واپاري ۽ صنعتڪار ملڪ جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي حيثيت رکن ٿا.
آرمي چيف سان ملاقات دوران ڪراچي جي واپارين ۽ صنعتڪارن سنڌ حڪومت جون شڪايتون ڪندي چيو ته ڪراچي کي گندو شهر بڻايو ويو آهي ۽ سنڌ حڪومت پنهنجيون ذميواريون ٺيڪ طريقي سان نه پئي نڀائي.
واپاري ۽ صنعتڪارن چيو ته واپاري برادري فوج سان گڏ آهي.
ٻي طرف آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڪراچي ۾ ڪورهيڊ ڪوارٽر ۽ رينجرز هيڊ ڪوارٽرز جو دورو ڪري امن جي قيام لاءِ رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ساراهه ڪئي آهي، آرمي چيف چيو آهي ته ڪراچي ۾ امن جي قيام لاءِ سمورا آپريشن جاري رهندا ۽ آپريشن ۾ سنڌ پوليس ۽ انتظاميا جي مدد ڪئي ويندي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور موجب آرمي چيف ڪراچي جي دوري دوران ڪور هيڊ ڪوارٽر ۽ رينجزر هيڊ ڪوارٽرز جو دورو ڪيو، جنهن دوران کيس تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
آرمي چيف دهشتگردي، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀنگ لاءِ اغوا واقعن ۾ گهٽتائي سميت ڪراچي ۾ امن جي قيام لاءِ رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪوششن کي ساراهيو.
آرمي چيف چيو ته ڪراچي ۾ امن برقرار رکڻ لاءِ سمورا آپريشن ساڳي رفتار سان جاري رهندا ۽ ان حوالي سان پوليس توڙي انتظاميه جي مدد ڪئي ويندي.
آرمي چيف ڪراچي ۾ ڪامياب آپريشن تي رينجرز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته شهر ۾ امن جي قيام لاءِ رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *