Friday , April 19 2024

ڪراچي آپريشن جي ڪاميابي جو راز! اڳوڻي گورنر ٻڌائي ڇڏيو

اهو طئي آهي ته هاڻي اقتدار ڌڻين کي ايم ڪيو ايم جو پراڻو چهرو يا ان سان ملندڙ جلندڙ روپ قبول ناهي ۽ نه ئي وري ان جهڙي ڪا ٻي قيادت

ڪراچي(رپورٽ: آفاق ڀٽي  سنڌسماءَچار) “ ڪراچي آپريشن جي ڪاميابي جو بنيادي راز وفاقي حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم کي شامل نه ڪرڻ هو”، اهو چوڻ آهي، سنڌ جي اڳوڻي گورنر ۽ نون ليگ جي سينئر اڳواڻ محمد زبير جو. محمد زبير آرٽس ڪائونسل ۾ ٿيل ادبي فيسٽيول جي هڪ سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. محمد زبير چيو ته 2013 ۾ نون ليگ جيئن حڪومت ٺاهي ته سڀ کان وڏو ۽ الجهيل مسئلو امن امان هو ۽ اهو به وري ڪراچي ۾ ته اڃا ئي وڌيڪ الجهيل هو. محمد زبير چيو ته ملڪي معيشت، سيڙپڪاري، پرسڪون ڪاروباري سرگرميون وڌائڻ توڙي جاري رکڻ، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ زندگي جو عام ڪاروهنوار بهتر طريقي سان هلائڻ لاءِ ڪراچي آپريشن شروع ڪرڻ لاءِ نواز شريف ۽ ٻي قيادت کي سخت فيصلا ڪرڻا پيا، ان لاءِ ابتدائي طور تي جيڪي ڳالهيون ٿيون هيون انهن ۾ اهو طئي ڪيو ويو هو ته ايم ڪيو ايم کي وفاقي حڪومت ۾ ڀائيواري ناهي ڏيڻي، جيڪڏهن ڪنهن به موڙ تي ان کي شامل ڪرڻ جي گهرج پئجي به وڃي ته پوءِ به ڪراچي آپريشن سميت امن امان جي حوالي سان ڪنهن به فيصلي ۾ شامل ناهي ڪرڻو، اهو ئي بينادي اصول طئي ڪري پيپلز پارٽي جيڪا سنڌ جي حڪمران جماعت هئي، ان جي قيادت کي به ان  ڳالهه تي راضي ڪيو ويو هو ته لياري ۾ به آپريشن ٿيندو ان لاءِ اوهان کي ڪا به مداخلت ناهي ڪرڻي.

اڳوڻي گورنر محمد زبير جو چوڻ هو ته، ڪراچي آپريشن جي ڪاميابي ۾ سنڌ پوليس جو وڏو ڪردار آهي، پوليس جون قربانيون، سول انٽيليجينس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قربانين کي به نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي، انهن ادارن به ڪراچي جو امن امان قائم ڪرڻ ۾ وڏو رول رهيو آهي ۽ اڃا تائين جاري آهي. هن چيو ته ميان نواز شريف اهو طئي ڪري ڇڏيو هو ته ڪراچي امن امان قائم رکڻو آهي ۽ اهو مستقل بنيادن تي هوندي، ان ۾ ڪنهن به قسم جي مصلحت ۽ مجبوري کي رنڊڪ بڻجڻ نه ڏنو ويندو، جنهن تي جيئن جو تيئن عمل ڪيو ويو. ان وقت جي آرمي چيف به ڪراچي آپريشن جي سلسلي ۾ بهترين ڪردر ادا ڪيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *