Friday , March 29 2024

ڪراچي: آر او پلانٽس حڪومت ۽ ڪجهه ٽولن لاءِ ڪمائي جو ذريعو بڻجي ويو..!!

Asif ZardariMURAD SHAH

 پاڻي ڪميشن انيشيئٽو کاتي کي آر او پلانٽس بابت سڀاڻي تائين رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪميشن سيڪريٽري انيشيئٽوِ کي مخاطب ٿيندي ريمارڪس ڏنا آهن ته ڪميشن رات جي اونداهي ۾ نه پر ڏينهن جي روشنيءَ ۾ ٺٽي وڃي پاڻي چيڪ ڪيو، رپورٽ پڙهي پتو پئجي وڃي ٿو ته ماڻهو ڪهڙي قسم جو پاڻي پي رهيا آهن. ڪميشن جي سربراهه جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو رمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته پاڻيءَ جي تلائن ۾ ڪرڙيون ۽ ٻيا جيت مئل حالت ۾ پيل هجن ٿا جيڪو ماڻهو پي رهيا آهن ۽ اهو سڀ ڪجهه اسان پنهنجي اکين سان ڏسي آيا آهيون. جسٽس اقبال احمد ڪلهوڙو جي سربراهيءَ ۾ پاڻي ڪميشن ٻڌڻي شروع ڪئي ته، انيشيئٽو کاتي جي سيڪريٽري سميت ٻين عملدارن پيش ٿي رپورٽس پيش ڪيون. حيسڪو پاران عمرڪوٽ ۾ ٽرانسفارمر نه لڳائڻ ۽ آر او پلانٽس کي بجلي فراهم نه ڪرڻ واري معاملي بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي. حيسڪو جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عمرڪوٽ ۾ ٽرانسفارمر لڳايا ويا آهن، جنهن تي سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ چيو ته ٽرانسفارمر ته لڳايا ويا آهن پر انهن ۾ بجليءَ جون تارون انتهائي غير معياري استعمال ڪيون ويون آهن. حيسڪو جي رپورٽ تي عدالتي ڪميشن جي سربراهه محمد اقبال ڪلهوڙو حيسڪو اختيارين کي سختي سان هدايت ڪئي ته، عمرڪوٽ جي آر او پلانٽ ۾ بجلي جي 300 ايم ايم جِي ڪيبل لڳائي ٽن ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪئي وڃي، بي صورت ۾ ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻڌڻي دوران سيڪريٽري انيشيئٽو اعجاز علي خان پيش ٿيو ته ڪميشن آر او پلانٽس جي خراب حالت تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ڪميشن جي سربراهه جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو چيو ته، ٿر جو سڀ کان وڏو پلانٽ اسان پاڻ وڃي ڏسي آيا آهيون، ان جي پاڻي معيار موجب نه آهي، جنهن تي سيڪريٽري وراڻيو ته وڏن پلانٽس سان سندس تعلق نه آهي، رڳو ننڍن پلانٽس جو ذميوار آهي،جيڪي 15 سئو مان 11 سئو فنڪشنل آهن. ڪميشن چيو ته اوهان هر ڳالهه جي ترديد ڪري رهيا آهيو ۽ چئو ٿا ته سڀ ٺيڪ آهي، اوهان وضاحت ڪريو ته ڪٿي شيءِ ٺيڪ آهي، جنهن تي سيڪريٽري چيو ته هــُو آڱر رکي نٿو ٻڌائي سگهي. ڪميشن سربراهه چيو ته اوهان بيان ڏئي اسان جو وقت ضايع ڪري رهيا آهيو، اوهان ڪروڙين رپيا ڪهڙي جاءِ تي خرچ ڪيا، اتان جي رپورٽس ۾ تضاد آهي، ڇا اهو ممڪن آهي ته آر او پلانٽس ۾ ايندڙ پاڻيءَ جو مقدار ٻاهر نڪرندڙ پاڻيءَ کان گهٽ هجي؟ ڪميشن چيو ته مٺي، عمرڪوٽ ۽ بدين ۾ ته ڪا ليب نه آهي، ميرپورخاص اسپتال ۾ لڳل آر او پلانٽ ۾ اسان پاڻ ڪِرڙيون ڏٺيون، ان جا سلينڊر سڪل هئا. سيڪريٽري انيشيئٽوِ چيو ته هــُو ڪيس وڙهڻ نه آيو آهي، جنهن تي ڪميشن سربراهه چيو ته اسان اوهان جي آر او پلانٽس جي حالت پاڻ ڏسي آيا آهيون، اوهان اکيون ٻوٽَي 2 ڪروڙ رپيا آر او پلانٽس هلائڻ تي خرچ ڪري رهيا آهيو، اسان ڏٺي آهي ته ڪهڙي قسم جي مينٽننس ٿي رهي آهي. ڪميشن سربراهه ريمارڪس ڏنا ته اسان رات جي اونداهيءَ ۾ نه پر ڏينهن جي روشنيءَ ۾ ٺٽَي وياسين ۽ پاڻي چڪاس ڪيو، رپورٽ ڏسي پتو پئجي وڃي ٿو ته شهرين کي ڪهڙي قسم جو پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي. پاڻي ڪميشن انيشيئٽوِ کاتي کي سڄي سنڌ جي آر او پلانٽس بابت سڀاڻي تائين رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ ۾ صاف پاڻي ۽ ڊرينيج بابت جوڙيل عدالتي ڪميشن جو چوڻ هو ته، حڪومت اکيون بند ڪري 2 ڪروڙ آر او پلانٽس هلائڻ تي خرچ ڪري ڇڏيا، پر ان باوجود به جيڪو پاڻي مهيا ڪيو پيو وڃي ان ۾ ڪرڙيون مئل پيل هجن ٿيون جن کي به ڪڍڻ جي تڪليف نه ٿي ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *