Thursday , April 25 2024

ڪارونجهر رينج جي ڏيڍ لک ايڪڙ کان وڌيڪ ايراضي تي مائننگ جون تياريون

سنڌ حڪومت پاران ملير جون زمينون بحريا ٽائون، ٻيٽ وفاق کي ڏيڻ کانپوءِ ڪارونجهر تي ڌاڙي جون تياريون

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي    سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت سنڌ جي تاريخي ماڳ ۽ سنڌ جو ڪشمير سڏيو ويندڙ ڪارونجهر جبل ليز تي ڏئي مائيننگ ڪرڻ جون تياريون شروع ڪري ڏنيو آهن، ڪارونجهر جبل تان غيرقانوني پٿر ڪڍڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽي سفارشون جاچ رپورٽ تيار ڪري واڳيل اختيارين حوالي ڪري ڇڏي آهي، ڪميٽي ڪارونجهر رينج جي تحفظ بدران مائننگ ڪرڻ ۽ صنعتون لڳائڻ سميت 10 کان وڌيڪ سفارشون ڪيون ويون آهن.ڪارونجهر جبل مان غيرقانوني طريقي سان مائننگ ڪري قيمتي پٿر چوري ڪرڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ وڏي وزير جي هدايتن تي مائننگ اينڊ منرلز ڊپارمينٽ جي سيڪريٽري جي سربراهي ۾8ميمبرن تي ٻڌل جاچ ڪميٽي لڳ ڀڳ هڪ سال کانپوءِ رپورٽ اختيارين حوالي ڪري ڇڏي آهي. مائنز اينڊ منرلز کاتي جي ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب ڪميٽي 10 کان وڌيڪ سفارشن تي ٻڌل جاچ رپورٽ چيف سيڪريٽري سميت لاڳاپيل اختيارين حوالي ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ ڪارونجهر رينج مان گرينائيٽ جو قيمتي پٿر ڪڍڻ ۽ ٿرپارڪر ضلعي اندر مائننگ سان لاڳاپيل ڪارخانا قائم ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

ڪميٽي جي سفارشن موجب ڪارونجهر رينج جي ٻه لک ايڪڙ ايراضي مان هڪ لک پنجاهه هزار هڪ سئو تيرنهن ايڪڙن تي مائننگ ڪرڻ لاذءِ لائسنسز جاري ڪيا وڃن، ڪئي وڃي، جنهن سان قيمتي گرينائيٽ پٿر ڪڍي ان کي ڪمرشل بنيادن تي استعمال ڪيو وڃي. ڪميٽي اها به سفارش ڪئي ته ڪارونجهر جبلن تي 49 هزار 186 ايڪڙن تي مشتمل سمورين ثقافتي، تاريخي، مذهبي ۽ سياحتي هنڌن کي محفوظ بڻايو ويندو، پر ان لاءِ ڪي به تجويزون ناهن ڏنيون ويو. ڪاميٽي پاران ڪارونجهر علائقي ۾گرينائيٽ جي مائننگ لاءِ 13 سالن کان لڳل پابندي هٽائڻ جي سفارش ڪئي وئي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته، ڪارونجهر جا جبل 2 لک ايڪڙ ايراضي تي مشتمل آهن، ان مان 20 هزار 100 ايڪڙ تي مين ڪارونجهر جبل آهي، ان کي مڪمل طور محفوظ بڻايو ويندو. ڪميٽي پاران سفارشن ۾ مائننگ جي لاءِ 3 سيڪڙو مقامي ماڻهن کي لائسنس جاري ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، لائسنس جاري ٿيڻ جي هڪ سال اندر ڪارخانو لڳائڻ لازمي هوندو ٻي صورت ۾ لائسنس پاڻمرادو رد سمجهيو ويندو.

ان سلسلي ۾ سنڌ سماءَچار پاران مائينز اينڊ منرلز کاتي جي وزير مير شبير بجاراڻي، سيڪريٽري سيد ذوالفقار علي شاهه ۽ ڊي جي امداد علي شاهه سان رابطو ڪري تفصيل معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته، صوبائي وزير شبير بجاراڻي ڪيترائي ڀيرا فون ڪال اٽينڊ نه ڪئي، سيڪريٽري ۽ ڊي جي سان رابطي ڪرڻ تي ڪيترائي ڀيرا چيو ويو ته، “صاحب ميٽنگ ۾ آهي، 10 منٽن بعد فون ڪيو“ ۽ ٽي ڀيرا اهو ئي جواب مليو جڏهن ته بعد ۾ فون اٽينڊ ئي نه ڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *