Friday , March 29 2024

کپري ۽ ناري تعلقي جي اڇڙي ٿر ۾ عرب شڪارين جي رياست قائم

عرب شڪارين جي سهولتڪارن ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو

ڪراچي / خيرپور ( اصغر آزاد/ خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) خيرپور ضلعي جي ناري تعلقي ۽ سانگهڙ ضلعي جي کپري تعلقي واري اڇڙي ٿر ۾ شڪارين جي رياست قائم، ايس ايس پي خيرپور، خان محمد مهر ۽ ٻين مقامي رهواسين جون زندگيون زهر ڪري ڇڏيون. چپري ۽ ناري تعلقي جي سموري ٿر ۽ اڇڙي ٿر جي مختلف علائقن ۾ عرب شڪارين اڻ اعلانيل ڌار رياست قائم ڪري ڇڏي آهي، جتي جي رهواسين کي بي گهر ڪري ڳوٺ خالي ڪرائڻ سان گڏ مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيا آهن. ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي مقامي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، عرب شڪارين کي سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ علائقي جا  بااثر خانگي توڙي سرڪاري ڪامورا عرب شڪارين جا محافظ ۽ سهولتڪار بڻيل آهن، متاثرن جو واسطو پير صاحب پاڳارو جي مريدن حُر جماعت سان آهي، پر هيل تائين پير صاحب پاڳاري طرفان پنهنجي مريدن سان ٿيندڙ زيادتين تيڪو به موقف ناهي آيو.

کپري سان تعلق رکندڙ هڪ سرڪاري عملدارن نالو نه لکڻ جي شرط تي سنڌ سماءَچار کي ٻڌايو ته، ٿر ۾ هر سال عرب شهزادا، صنعتڪار ۽ بااثر ماڻهو اڇڙي ٿر ۾ شڪار لاءِ ايندا آهن. شڪاري شڪار کان ڪجهه مهينا اڳ تلور پکي جهنگ ۾ ڇڏيندا آهن، جنهن کي نالو اهو ڏنو ويندو آهي ته اُهي تلُور جي نسل بچائڻ لاءِ ائين ڪندا آهن، پر حقيقت ۾ اُنهن کي عرب شڪاري پنهنجي شڪار ڪرڻ لاءِ  جهنگ ۾ ڇڏيندا آهن. ذريعن موجب مقامي بااثر ماڻهن، طاقتور ۽ حر جماعت جي

خاص ماڻهو ۽ سينيئر ڪاموري خان محمد مهر، آرادين برادرز سميت مقامي وڏيرا جن جو تعلق به حرجماعت سان آهي، شڪارين جا سهولتڪار هوندا آهن. شڪار گاهن جي سار سنڀال، شڪار وارن ڏينهن ۾ عرب شهزادن جي سمورين سهولتن جو بندوبست به اُهي ئي ڪندا آهن. سنڌسماءَچار پاران جڏهن سهولتڪاري جا ڪارڻ معلوم ڪيا ته، مقامي ماڻهن ( جن مان ڪجهه شڪارين لاءِ انتظام ڪندڙن ۾ به شامل آهن ) کان مليل ڄاڻ موجب کپري توڙي ناري واري اڇڙي ٿر ۾ عرب شڪارين کي سهولتڪاري عيوض بااثر ڪامورن، سياسي شخصيتن کي وڏي رقم، گاڏيون ۽ ٻيون سهولتون به ڏنيون ويندويون، پر اهي ماڻهو وري مقامي سطح تي ماڻهن کي سهولتڪاري جو معاوضو ناهن ڏيندا. مليل معلومات موجب عربن جي سهڪاري ڪنگري  هائوس جا مهتم وڏي رقم وٺڻ بعد پنهنجي معرفت اڇڙي ٿر ۾ عربن کي تلور جو تلور شڪار گذريل 30 سال کان ڪرائيندا رهن ٿا. ذريعن موجب ان حوالي سان ٿر ۾ پيدا ٿيل تازي صورتحال عرب شيخن پاران ملندڙ پئسن ۽ ٻين مراعتن ۾ حصو پتي نه ملڻ تان ٿيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي خيرپور ملڪ ظفر اقبال هن سڄي معاملي ۾ سڌيءَ ريت عرب شڪارين جو ونگارو بڻجي بيهي رهيو آهي، خيرپورنپوليس جي وڏي نفري ناري تعلقي ۾ مقرر ڪئي وئي هي، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي خيرپور جي آفيس جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ناري ۾ عرب شڪارين جي سيڪيورٽي ۽ ان ۾ رڪاوٽون  وجهڻ جي الزام هيٺ ڳوٺاڻن خلاف رڻ ٻاريو ويو آهي.

اڇڙي ٿر ۾ شڪار ايترو مهانگو ۽ اهميت ڇو ٿو رکي واري سوال تي اڇڙي ٿر واسي هڪ سماجي طوور سرگرم شخص جو چوڻ آهي ته ناري توڙي کپرو جي اڇڙي ٿر جي ديهھ ڪوٽ جبوسڀ کان وڏي ايراضي آهي، جتي سائيبريا جي سميت مختلف ٿڌن علائقن مان تلور وڏي تعداد پهچي ٿو. اڇڙو ٿر پکين خاص طور تي تلور لاءِ پرسڪون علائقو آهي، جتي شور شرابي کان محفوظ آهي، انڪري ئي ئي پرديسي پکي نومبر کان فيبروري تائين هتي ترسيل هجي ٿو.(ڊولپنگ اسٽوري)

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *