Tuesday , April 23 2024

ڊپٽي ڪمشنر ويسٽ ڪراچي فياض سولنگي صنعتڪار عارف حبيب خلاف ميدان ۾ اچي ويو

مشهور صنعتڪار عارف حبيب جي رهائشي منصوبي ” نيا ناظم آباد“ کي الاٽ ڪيل زمين ۾ جعل سازي ۽ رڪارڊ ۾ هيراڦيري جو انڪشاف، خلاف ڊي سي ويسٽ فياض سولنگي ميدان ۾ اچي ويو

زمينن جي الاٽمينٽ جي قانوني حيثيت ۽ جمع ڪرايل چالانن جي به جاچ ڪرائي وڃي، بئنڪ اڪائونٽ به بند ڪيو: ڊي سي ويسٽ

ڪراچي(رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) مشهور صنعتڪار، سيڙپڪار ۽ واپاري ۽ عارف گروپ آف ڪمپنيز جا ڪرتوت منظر تي اچڻ لڳا، ڊپٽي ڪمشنر ڪراچي اولهه فياض سولنگي سندس خلاف اينٽي ڪرپشن، لينڊ يوٽيلائيزيشن ڊپارٽمينٽ سميت لاڳاپيل اختيارين کي خط لکي ڪارروائي ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي، ڊي سي ويسٽ ڪراچي انڪشاف ڪيو آهي ته عارف حبيب جي نيا ناظم آباد منصوبي سميت مختلف پروجيڪٽس لاءِ الاٽ ڪيل زمينن جي ليز ۽ چالانن جي جاچ پڙتال ڪئي وڃي. ڊپٽي ڪمشنر ڪراچي ويسٽ فياض عالم سولنگي اينٽي ڪرپشن ينڊ انڪوائريز کاتي جي چيئرمين کي لکيل خط ۾ ۾ چيو هي ته، ” گذريل ڪيترن ئي سالن کان هلندڙ رهائشي منصوبي “ نيا ناظم آباد” جيڪو عارف حبيب گروپ جي ملڪيت آهي، جن جي سڀ کان وڌيڪ شيئرز جو مالڪ عارف حبيب آهي ۽ ڪجهه شيئرز عقيل ڪريم ڊيڊي جا آهن. نيا ناظم آباد جيڪو تعلقي منگهوپير جي ديهه منگهو پير  ۾ واقع آهي، جنهن جي ساڍا چار سئو ايڪڙن تي مشتمل زمين سميت منصوبي جي ڪل ايرضي لڳ ڀڳ 700 ايڪڙن تي پلان ڪيو ويو آهي. نيا ناظم آباد منصوبي جي زمين جي دستاوزين ۾ هيراڦيري جي ذريعي الاٽ ڪئي وئي.

ڊپٽي ڪمشنر اولهه فياض عالم سولنگي اينٽي ڪرپشن کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي به هن منصوبي جو لي آئوٽ پلان رد ڪرڻ لاءِ خط لکيو ويو آهي.

ڊپٽي ڪمشنر ويسٽ ڪراچي فياض عالم سولنگي پاران لاڳاپيل اختيارين کي لکيل مختلف خطن جا عڪس

ڊي سي فياض عالم نيا ناظم آباد جي نالي تي 5 بئنڪن ۾ کوليل بئنڪ اڪائونٽس به بند ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. ڊي سي جو موقف آهي ته پابندين جي باوجود عارف حبيب جي منصوبي لاءِ 128 ايڪڙ زمين الاٽ ڪري ليز ڏني ڏني وئي، رد ڪيل زمين ڪوڙي ري-اسٽوريشن آرڊرز ذريعي زمين جي ليز  بحال ڪرائي وئي. ڊي سي فياض عالم ديهه منگهوپير ۾ جاودان ڪارپوريشن ڏنل سروي نمبرز 33،79،84،86،102 ۽109 جي قانوني حيثيت جي ويريفڪيشن ڪرائڻ جو به لکيو آهي.

ان سلسلي ۾ نيا ناظم آباد منصوبي جي اختيارين پنهنجي وڪيل معرفت ڊپٽي ڪمشنر پاران جاري ڪيل مختلف ليٽرز / حڪم خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ به درخواست داخل ڪئي وئي آهي، جنهن تي ايندڙ حڪمن تائين عمل ڪرڻ خلاف منع نامو جاري ڪيو ويو آهي،

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *