Friday , March 29 2024

ڊي سي ويسٽ ڪراچي سرڪاري زمينون ڦٻائيندڙن خلاف اينٽي ڪرپشن کي خط لکي ڇڏيو

ڊي سي ويسٽ پاران سرڪاري زمين ڦٻائيندڙ سفاري بلڊرز، ڊائريڪٽر ايم ڊي اي سهيل خلاف ڪارروائي جي سفارش

حضور بخش ڪلوڙ ۽ سفاري بلڊرز خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي: ڊي سي ويسٽ فياض عالم سولنگي

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) ڊپٽي ڪمشنر ڪراچي ويسٽ فياض عالم سولنگي ض:عي جي حدن ۾ ايندڙ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ اربين رپين جي جي سرڪاري زمين بلڊرز مافيا حوالي ڪرڻ خلاف قانوني ڪارروائي تيز ڪري ڇڏي، سفاري بلڊرز ۽ ايم ڊي اي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر خلاف جاچ لاءِ اينٽي ڪرپشن سان رابطو ڪارروائي جي گهر. ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر سهيل احمد ۽ سفاري ايسوسيئيٽس جي ملي ڀڳت سان سان 80 ايڪڙ سرڪاري زمين ڪوڙن دستاويزن ذريعي ڦٻائي، ان تي رهائشي منصوبو ٽمبر مرچنٽس ڪوآپريٽو سوسائٽي قائم ڪري پلاٽ وڪرو ڪيا.

ڊپٽي ڪمشنر ويسٽ ڪراچي فياض عالم سولنگي اينٽي ڪرپشن اينڊ انڪوائريز جي چيئرمين کي خط لکي سرڪاري زمين جي دستويزن ۾ هيراڦيري ڪرڻ ۽ قومي خزاني کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچائڻ جي جاچ ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. ڊي سي پاران لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ايم ڊي اي جو ڊائريڪٽر جيڪو ڪجهه عرصي تائين اداري جو ڊائريڪٽر جنرل به رهي چڪو آهي، جنهن کي سپريم ڪورٽ جي حڪمن بعد عهدي تان هٽايو ويو هو. ڊي سي پاران اينٽي ڪرپشن کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته، گلشن معمار واري علائقي ۾ ايم ڊي اي ٽمبر مرچنٽس ڪوآپريٽو سوسائٽي جي نالي تي ديهه تيسر ٽائون ۾ سروي نمبر 29/2, 32,34,35, 36,37,38 ڪُل ايراضي 80 ايڪڙ سرڪاري زمين داخلا نمبر 778 VF II  26 نومبر 2005 تي ٽمبر مرچنٽس جي نالي تي الاٽ ڪئي وئي. ڊي سي موجب گلشن معمار جي بلاڪ “ڪيو کانپوءِ بلاڪ ايس ۽ ٽِي کي شڪي قرار ڏنو ويو آهي.

اينٽي ڪرپشن کي لکيل خط ۾ ڊپٽي ڪمشنر ويسٽ فياض عالم سولنگي سفارش ڪئي آهي ته، سرڪاري زمين غيرقانوني طريقي سان دستاويزن جي هيراڦيري سان سفاري ايسوسيئيٽس /بلڊرز کي وڪرو ڪرڻ ۾ ڊائريڪٽر ايم ڊي اي سهيل احمد سان گڏ لينڊ گريبر حضور بخش ڪلوڙ، عبدالرشيد ۽ سفاري بلڊرز جي خالد يوسفي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.س

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *