Saturday , April 20 2024

ڊي جي هيلٿ ارشاد ميمڻ جي ڪردار ڪشي بند ڪئي وڃي: ڊاڪٽر رزاق شيخ/ عاشق شاهه

ڪراچي (رپورٽر    سنڌسماءَچار ) ڊائريڪٽر جنرل سنڌ ڊاڪٽر ارشاد  شيخ کي بليڪ ميل ڪرڻ ۽ ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ سندس ڪردار ڪشي ڪري بي بنياد الزام تراشيون بند ڪيون وڃن، اهڙو اظهار پيپلز ڊاڪٽر ڊاڪٽرز فورم سنڌ جي اڳواڻن ڊاڪٽر رزاق شيخ ۽ ڪراچي ڊويزن جي صدر ڊاڪٽر عاشق حسين شاهه پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته، ڊي جي هيلٿ سنڌ ڊاڪٽر ارشاد ميمڻ باصلاحيت ۽ ايماندار ماڻهو آهي، هن ڪرونا جي انتهائي ڏکين حالتن ۾ ايس او پيز جي تيارين ۽ صحت جي ٻين سهولتن کي عوام تائين پهچائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. هنن چيو ته ڊاڪٽثر ارشاد ميمڻ خلاف ڪجهه غير سياسي ۽ مفاد پرست ماڻهو اجائي واويلا ڪري کيس بليڪ ميل ڪرڻ چاهين ٿا، پيپلز ڊاڪٽرز فورم سنڌ اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو ۽ ڊي جي هيلٿ کي پنهنجي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرايون ٿا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *