Wednesday , April 24 2024

ڊي جي آءِ ايس پي آر جو بيان ! شاهد خاقان عباسي سوال اٿاري ڇڏيا

ڪراچي( چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار)  اڳوڻي وزيراعظم ۽ نون ليگ جي مرڪزي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي ڊي جي آءِ  ايس پي آر جي بيان تي سوالي اٿاريندي چيو آهي ته، ڊي جي آءِ ايس پي آر ڪالهه بيان ڏنو آهي ته پاڪ فوج کي سياست ۾ نه گهليو وڃي، فوج جو سياست سان ڪجهه نه وڃي، شاهد خاقان عباسي ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊي  جي آءِ ايس پي آر جو بيان غور سان ٻڌو ۽ پڙهيو آهي، اهو ٻڌايو وڃي ته اڄڪلهه ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اُهو ڪير ڪري رهيو آهي، 2018 جي اليڪشن ۾ ڇا ٿيو ۽ ڪنهن ڪيو، عدالتن ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، اپوزيشن اجو ئي ته چئي رهي آهي ته انصاف نه ٿيندو ته پوءِ ملڪ نه هلي سگهندو. شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته حڪومت کي پنهنجن ميمبرن تي اعتبار ئي ناهي رهيو انڪري ئي سينيٽ الڪيشن ڳجهي ووٽ بدران شو آف هينڊ / اوپن ووٽ ذريعي ڪرائڻ چاهين ٿا، عمران خان جي ڪرتوتن سبب سندس ويجها ساٿي ۽ حڪومت قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ به هٿ ڪڍي ويا آهن، هاڻي سينيٽ اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ لاءِ ڪو به جهاز نه هلندو

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *