Tuesday , March 19 2024

ڊيووس ڪانفرنس، پاڪستان پاران ايف اي ٽي ايف ۾ رليف جي ڪوشش

ڪراچي( تجزيو: اصغر آزاد سنڌ سماءَچار) سئٽزرلينڊ ۾ ڊيووس عالمي اقتصادي ڪانفرنس دوران منظر تي پاڪستان پاران عالمي اڳواڻن آڏو والاريل ڪشمير واري معاملي تي حمايت حاصل ڪرڻ جون خبرون چوٽ چڙهيل آهن، پر پردي پويان پاڪستان جون ڪوششون ڪجهه ٻيون آهن. ڊيووس ڪانفرنس ۾ پاڪستان هن وقت جيڪي بيڪ ڊور ڊپلوميسي ذريعي ڪوششون ڪري رهيو آهي ان ۾ مک نقطو ايف اي ٽي ايف ۾ پاڪستان جي گري لسٽ وارو مسئلو پهرين ترجيح ۾ شامل آهي، ايف اي ٽي ايف واري معاملي ۾ وڏي عرصي کان ڀارت پاڪستان خلاف لابنگ ۾ مصروف آهي. ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ واري معاملي ۾ پاڪستان تي الزام آهي ته مختلف ذريعن سان دهشتگردن جي مالي مدد ٿيندي رهي ٿي، مني لانڊرنگ ذريعي رقمون پرڏيهه ۽ حوالا هنڊي ذريعي پاڪستان ۾ رقمن جي منتقلي واري ڪاروبار وارن الزامن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، اهو مسئلو هاڻي جو نه پر ڪافي پراڻو آهي، جنهن کي عالمي سطح تي پاڪستان منهن ڏيڻ لاءِ سخت قدم به کڻي رهيو آهي، جن ۾ پاڪستان کي ڪجهه ڪاميابيون به مليون آهن پر ايف اي ٽي ايف اڃا سوڌو سئو سيڪڙو مطمئن ناهي.

سئٽيزر لينڊ جي ڊيووس ۾ ٿيندڙ عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي، وزيراعظم عمران خان امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سميت عالمي اڳواڻن آڏو ڪشمير معاملو ته رکندو ئي صحي پر بيڪ ڊور ڊپلوميسي ۾ وزيراعظم عمران خان سميت پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ وزيراعظم جو ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر حفيظ شيخ ان سلسلي ۾ آمريڪا سميت عالمي سطح تي اثر رسوخ رکندڙ ملڪن جي سربراهن، سفيرن سان ملاقاتون ڪري ايف اي ٽي ايف ۾ سهڪار ۽ ڀارتي پروپيگنڊا خلاف پاڪستان جي حمايت ڪرڻ لاءِ لابنگ ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *