Saturday , April 20 2024

ڊيراغازي خان:پاناماڪيس الله طرفان نوازشريف خلاف پاڻمرادو نوٽيس آهي:عمران خان

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته نواز شريف 1998ع ۾ مني لانڊرنگ ڪري پئسا پرڏيهه موڪليا، پاناما پيپرز مان ثابت ٿي ويو ته مَي فيئر اپارٽمينٽ جي ملڪيت مريم نواز جي آهي، پاناما ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي، جلد پاڪستان کي نواز شريف مان ڇوٽڪارو ملي ويندو.

ڊيرا غازي خان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته عوام تخت لاهور مان تنگ اچي چڪو آهي، هاڻي ماڻهو نئون پاڪستان چاهين ٿا، پاناما ليڪس ڪيس هلي رهيو آهي، پاڪستان کي شريف مافيا مان ڇوٽڪارو ملي ويندو.

هن چيو ته پاناما پيپرز ۾ وڏن وڏن ماڻهن بابت اهم انڪشاف ٿيا آهن، نواز شريف به ان ۾ پڪڙجي پيو، هاڻي چئي ٿو ته سندس پٽن جا نالا آيا آهن، ميان صاحب هتان پئسا موڪلي 1993ع ۾ لنڊن ۾ فليٽس خريد ڪيا.

عمران خان چيو ته نواز شريف سڀ پنهنجي پٽن جي نالي تي رکيو آهي، ڪرپشن سان ڪجهه ماڻهو امير ٿين ٿا، جيستائين ملڪ مان ڪرپشن جي لعنت ختم نه ٿيندي، تيستائين پاڪستان مان غربت ختم نه ٿيندي.

هن چيو ته ايف آءِ اي جِي رپورٽ موجود آهي ته نواز شريف 1998ع ۾ مني لانڊرنگ ڪري پئسا پرڏيهه موڪليا، پاناما انڪشافن ۾ ثابت ٿئي ٿو ته مي فيئر اپارٽمينٽس مريم نواز جي ملڪيت آهي.

پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته هــُو ڪرپشن جي ڪرڪيٽ ٽيم بڻائي رهيو آهي، جنهن جو ڪپتان نواز شريف هوندو، اڃا تائين ڊيزل جو به احتساب نه ٿيو آهي، دعا آهي ته انصاف جو نظام طاقتور ۽ ڪمزور کي هڪ جهڙو ڏِسي.

هن چيو ته عوام پاڪستان کي مثالي رياست بڻائڻ لاءِ لکين قربانيون ڏنيون، پاڪستان کي فلاحي رياست بڻجڻو هو پر بدقسمتيءَ سان هتي انصاف ناهي.

عمران خان چيو ته اسان کي اهڙو پاڪستان بڻائڻو آهي، جنهن ۾ غريب ماڻهوءَ کي اسپتال ۾ پئسا نه ڏيڻا پون، اولهه ۾ غريبن کي مفت ۽ معياري تعليم ڏني وڃي ٿي پر هتان جي عوام کي طبي سهولتون به ميسر نه آهن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *