Tuesday , February 7 2023
uren

ڊاڪٽر رٿ فائو جنهن جي جدوجهد سبب پاڪستان کي ڪوڙهه فري سوسائٽي قرار ڏنو ويو- آصف رضا موريو

Asif raza morio

ڊاڪٽر رٿ ڪيٿرينا مارٿا فائو جو جنم 9 سيپٽمبر 1929ع ڌاري جرمني جي شهر ليپزڪ ۾ ٿيو. سندس والد هڪ ڪامياب ڪاروباري ساک وارو ماڻهو هيو جنهن کي نازين کان سخت نفرت هوندي هئي. رٿ فائو به پنهنجي والد نازين جي سياسي فلسفي جي باغي هئي پر کيس زبردستي هٽلرجي نازي پارٽي جي پيرا ملٽري آرگنائيزيشنHitler-jugened ۾ شامل ڪئي وئي. پهرين مهاڀاري جنگ ۾ جڏهن روس اوڀر جرمني واري علائقي تي قبضو ڪيو ۽ ملڪ جو سياسي، سماجي ۽ اقتصادي ڏيوالو نڪتو ته رٿ جي خاندان اتي تمام گهڻا عذاب سٺا جن ڪري 1948ع ۾ هوءَ به مشرقي جرمني کان غير قانوني طور سرحد پار ڪري مغربي جرمني پنهنجي پيءُ ڏانهن ڀڄي وئي جيڪو هڪ سال اڳ اوڏانهن فرار ٿي ويو هيو. سندس ٽي ڀينرون ۽ ماءُ به ڪجهه عرصي بعد ساڻن اچي مليون جتي هو ڏکڻ اولهه جي شهر Wiesbaden ۾ سڪونت پذير هيون جتي سندن خاندان سک جو ساهه کنيو.

ٻي جنگ عظيم (1939-1945) جي هولناڪين دوران انسانيت جي تذليل کي رٿ فائو پنهنجي اکين سان ويجهي ۾ ڏٺو. سموري دنيا ۾ ٿيندڙ چيخن، ڪوڪن، آهن، لکين زخمي انسانن ۽ چچريل لاشن رٿ فائو جي ذهن ۽ ضمير کي جهنجهوڙي وڌو ان لاءِ هن ڊاڪٽر بڻجي ڏکايل انسانيت جي خدمت ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو. 1949ع ۽ 1950ع ڌاري رٿ فائو اولهه جرمني جي شهرن Mainz ۽ Murburgجي يونيورسٽين مان ڊاڪٽري ۽ دوائن جي تعليم ورتي. جرمن فلاسفر فريڊرڪ نٽشي جي سماجي ڀلائي واري تعليمات به کيس تمام گهڻو متاثر ڪيو ۽ هن انساني خدمت کي زندگي جو مقصد ۽ شعار بڻائي اڳتي قدم وڌائڻ لڳي.

Dr pfu 2

ميڊيڪل جي تعليم پڙهڻ دوران رٿ فائو سوچيندي هئي ته “جيڪڏهن مون کي پنهنجي جيئڻ لاءِ مناسب جواز نه مليو ته مان پاڻ کي ماري ڇڏيندم.” 1950 ۾ ڌاري سندس ملاقات هڪ ڊچ عورت سان ٿي جيڪا امن مشن جي سلسلي ۾ اولهه جرمني وڃي رهي هئي. ان عورت جي هن ڳالهه رٿ کي متاثر ڪيو ته “هن دنيا ۾ مستقبل انهن ماڻهن جو آهي جيڪي سهپ ۽ پيار جي دنيا سان تعلق رکندڙ هوندا”. ان عورت جي صحبت ۾ پروٽيسٽنٽ عقيدي واري رٿ ڪيٿولڪ بڻجي روحانيت ڏانهن پڻ مائل ٿي وئي ۽ ان کان پوءِ خدا تعالي کي ڪنهن ٻئي نظرئي سان سڃاڻڻ لڳي جنهن متعلق سندس راءِ هئي ته “توڙي جو اهو نظريو مون لاءِ محض ذاتي هيو پر اهو خيالي رشتو ئي اڳتي هلي منهنجي زندگي لاءِ تمام حقيقي ثابت ٿيو”.

ڊاڪٽر رٿ فائو 1957ع ۾ هڪ سماجي سيوا جي اداري Society of the Daughters of Marry ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ جنهن ڊسپينسري ۾ رٿ فائو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هيو اها چار سال اڳ Bernice Bargas نالي هڪ ميڪسيڪو جي راهبه شروع ڪئي هئي جيڪا پڻ رٿ جي مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ هئي ۽ هن ان اسپتال کي Marie Adelaide de cice جي نالي سان منسوب ڪيو جنهن 2 فيبروري 1791ع ۾Daughters of the heart of Marry جو بڻياد وڌو هيو.

ان جا ميمبر سادا ڪپڙا پهريندا ۽ تڪليف جي ور چڙهيل انسانيت جي خدمت ڪندا هئا. رٿ فائو هڪ پڙهيل ڳڙهيل عورت هئي جنهنجو خيال هيو ته ”ٽين دنيا جي رهواسين لاءِ بک، ٿڌ، بيڪاري ۽ بي گهري زندگي جا اهم جز بڻجي چڪا آهن ان لاءِ مون کي سندن مدد ڪري تڪليفون گهٽائڻ گهرجن”. اهو سوچي هن پنهنجي صوبائي آفيسر کي ايشيا موڪلڻ جي درخواست ڪئي جيڪا جلد قبول ڪئي وئي ۽ کيس 1960ع ۾ انڊيا موڪليو ويو پر ويزا جي سلسلي ۾ هن کي رستي ۾ ڪراچي رڪجڻو پئجي ويو جتي پاڪستان ۾ڪوڙهه جي مريضن لاوارثي ۽ مسڪيني متعلق کيس ڄاڻ ملي. هن جڏهن McLeod Road (هاڻوڪو چندريگر روڊ) تي ڪوڙهه جي مريضن جي بستي جي پهرين وزٽ ڪئي ته هن پاڪستان ۾ رهي ڪوڙهين جي مدد ڪرڻ جو فيصلو ڪري اتي ڪم ڪندڙ اداري سان منسلڪ ٿي وئي.

ان وقت پاڪستان ۾ ڪوڙهين لاءِ ڪنهن به قسم جي سهولت موجود ڪونه هوندي هئي ۽ ان موضي مرض کان ڊنل وارث ان خوف کان مريضن کي ڪوٺين، ڪمرن ۽ غارن ۾ بند ڪري رکندا هيا يا گهر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندا هيا ته “متان گهر جي ڪنهن ٻئي ڀاتي کي اها بيماري وچڙي وڃي”. ملڪ ڀر مان اهڙي قسم جا تڙيل مريض پنهنجي ٿاڪن، واڙن ۽ محلن ۾ وڃي گڏ ٿيندا هيا جن مان ان دور ۾ ڪراچي ميڪلو روڊ تي ڪوڙهين جي وڏي ۾ وڏي بستي هوندي هئي جتي رهندڙ جيئڻ ڪاڻ گداگري، چوربازاري ۽ ڦرلٽ تي ڀاڙيندا هيا ۽ انهن کي سماج ۾ هڪ جانور جيتري به اهميت ڪونه هوندي هئي. رٿ فائو هڪ مظبوط قوت ارادي واري ڪردار ۽ پنهنجي مقصد جو احساس رکندڙ عورت هئي جنهن جو خيال هيو ته “اسان کي زندگي ڏانهن تبديلي جا هاڪاري رويا پنهنجي عملن ۾ چٽڻ گهرجن”. هن پنهنجي ان انقلابي سوچ جي ابتدا پاڪستان ۾ موجود هزارين ڪوڙهه جي مريضن جي مدد ۽ انهن جي وڏي ۾ وڏي دشمن بيماري سان مهاڏو اٽڪائي پنهنجو پاڻ سان پهه ڪيو ته هڪ ڏينهن هن سماج مان انسانن جي ان ويري مرض جي پاڙ پٽي رکندي.

Dr pfu 1

هن پنهنجي ڪم جي ابتدا ڪراچي ۾ ميڪلوروڊ واري وڏي ۾ وڏي ڪوڙهين جي بستي کان ڪئي ۽ 30 سالن جي هن نوجوان جرمن نينگري جڏهن ڪراچي رينبو سينٽر واري علائقي جي سامهون هڪ جهريل جهڳي اڏي پنهنجي ننڍڙي ڊسپينسري ٺاهي ته ان دور ۾ اها ڪاٺ ڪٻاڙ جي ڀڳل ٽٽل سامان ۽ بي ترتيبي سان جڙيل بغير ڇت واري جهڳي هر وقت ڪوڙهه جي بدبودار مريضن سان ڀريل هوندي هئي جيڪا اڳتي هلي پاڪستان ۾ ڪوڙهه جي مريضن لاءِ اميد، آٿت ۽ زندگي ڏانهن اتساهه جو واحد مرڪز ثابت ٿي جتي هن وقت ميري ايڊيليڊ جي شاندار عمارت ڪر کنيو بيٺي آهي.

رٿ جي اچڻ وقت ڪراچي ريلوي اسٽيشن واري علاقي ۾ ڏيڍ سو کان مٿي ڪوڙهه جا مريض رهندا هيا جيڪو هڪ پاراتو ڏنل ۽ گندو علائقو سمجهيو ويندو هيو جتي جهيڙا ڦرون جام هيون ۽ رات جو ڪوئا ڪوڙهه جي مريضن جا هٿ، پير ۽ ٻيا عضوا به چڪيندا رهندا هيا. رٿ فائو جي ڊسپينسري ۾ ان وقت 6 کان مٿي رضاڪار 12 ڪلاڪ ڪم ڪندا رهندا رهندا هيا جڏهن ته هر مهيني 2000 کان مٿي مريض سندن سينٽر ۾ علاج خاطرايندا رهندا هيا. .

ٽيبلن، بسترن، ڪرسين ۽ ٻين شين جي اڻاٺ سبب رٿ فائو مٽي جي فرش تي گوڏا کوڙي ان جهڳي ۾ مريضن جا آپريشن ڪندي هئي جڏهن ته بجلي نه هئڻ ڪري هڪ رضاڪار هٿ واري وڄڻي سان وارڊ مان مکيون ڀڄائيندو هيو. برسات پوڻ ڪري اهو سمورو علائقو وشال ندي جيان وهي نڪرندو هيو پر رٿ ۽ ان جو سمورو اسٽاف گوڏي تائين بيٺل پاڻيءَ ۾ ور وجهي پنهنجو ڪم ڪندا رهندا هيا. پاڻ لاءِ ڪو ٽڪاڻو نه هئڻ ڪري رٿ فائو ڪم وهنوار لاهي پنهنجي جيپ ۾ سمهي پوندي هئي. ايترين مشڪلاتن ۽ تڪليفن جي باوجود رٿ فائو پنهنجي مريضن لاءِ جراحي جا سستا طريقا يا خراب دوائون استعمال ڪونه ڪيو ۽ انساني صحتمندي ڏانهن سدائين عمدگي کي ترجيح ڏيندي رهي. هن پنهنجي جهونپڙي جي ڪنڊ ۾ هڪ ننڍڙي ليباريٽري به قائم ڪئي هئي جتي پنهنجي رضاڪارن يا صحتمند مريضن کي ڪوڙهه جي مرض متعلق ٽيسٽين جي سکيا پڻ ڏيندي هئي. جهونپڙي ۾ هڪ پاسي کان اينٽي بائيوٽڪ ۽ ٻيون خاص دوائون پاٺن جي ڪارٽونن ۾ رکيل هونديون هيون. ان ئي جهونپڙيءَ جون ٻه ڪنڊون مريضن کي فزيوٿراپي ڪرڻ واري عملو ڪتب آڻيندوهيو.

1963ع ۾ رٿ اولهه جرمني ڪيٿولڪ فنڊنگ ايجنسي جي مدد سان ڪراچي ۾ ٻه منزله عمارت نرسنگ هوم لاءِ ڪرائي تي ورتي جنهن تي پاڙيوارن اها اسپتال بند ڪرائڻ لاءِ زور زبردستي ڪئي ته “انهن ڪوڙهه ۾ ورتل جانورن مان کين ۽ سندن ٻارڙن کي خطرو آهي.” معاملو جهيڙي جهڳڙي کان پوءِ ڪورٽ ۾ هليو ويو. رٿ ان سلسلي ۾ دنيا جي بهترين ليپرولوجسٽن کي مدد لاءِ لکيو ته انهن اعتراض ڪندڙ پاڙيوارن کي آگاهي ڏين ته ڪوڙهه جي اسپتال سندن لاءِ هاڃيڪار نه آهي. جڏهن ڪوڙِهه جي برطانوي ماهر Dr. Stanlay Browne ان سلسلي ۾ پاڙي وارن کي بيان ڏنو ته “هڪ دفعو ڪوڙهه جو مريض دوا کائي ته پوءِ اهو مرض ڪنهن به صورت ۾ وچڙندڙ نه رهندو آهي”، تنهن کانپوءِ آهستي آهستي رٿ فائو خلاف ڪنهن حد تائين ٺاپر ٿي وئي.

Marie Adelaide Leprosy Centre جي سماجي نيٽ ورڪ جو ڪراچي ۾ بڻياد Dr. I. K. Gill 1962ع ۾ وڌو هيو جنهن جو انتظام بعد ۾ رٿ فائو سنڀالڻ لڳي جنهن ان سينٽر کي وڌائي 1963ع ۾ هڪ لپروسي اسپتال پڻ قائم ڪئي. ٻن سالن کان پوءِ اهو سينٽر مناسب سهولتن واري جاءِ تي منتقل ڪيو ويو جتي ڪوڙهه جي مريضن کي علاج معالجي جون مڪمل سهولتون ڏنيون وينديون هيون. ان اسپتال ۾ نه رڳو ڪراچي مان پر پاڪستان ۽ افغانستان پر ڀرپاسي جي ملڪن جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪوڙهه جا مريض علاج خاطر اچڻ لڳا. ڪم وڌڻ سان گڏ ڊاڪٽر رٿ فائو آهستي آهستي ڪوڙهه سان آگاهي متعلق ڊاڪٽرن، ٽينڪنيشنن ۽ قومي رضاڪارن جي تربيت پڻ ڪندي رهندي هئي جنهن سان ڪوڙهه متعلق خوف ۽ انديشن مٿان صحتمند روين جي سوڀ ٿيندي رهي.

آهستي آهستي رٿ فائو ڪوڙهه جي بيماري خلاف بيشمار ۽ مختلف پروگرام ۽ پروجيڪٽ مرتب ڪري پاڻ هلائيندي رهي ته حڪومت ۽ ٻين مختلف تنظيمن سان به سهڪاري بڻبي رهي. هن حڪومت کان پنج ساله پلان تحت ڪوڙهه سان ويڙهه لاءِ فنڊ مقرر ڪرايا. 1983ع ۾ رٿ فائو مريضن لاءِ هفته وار دوائن جي دوز جا پروگرام شروع ڪيا. جابلو، ڳوٺاڻي ۽ ڏورانهن علائقن ۾ جتي ڪوڙهه متعلق معاملا انتهائي گنجڙيل هيا ۽ دوائن يا ڊاڪٽرن جي به اڻاٺ هوندي هئي اتي به رٿ ڪوڙهه جي مرضن لاءِ سوين سينٽر کوليا ۽ کولرايا. ايتري تائين جو هن ئي پاڪستان ۾ نيشنل لپروسي ڪنٽرول پروگرام تيار ڪيو. ڪوڙهه جي جن مريضن جو علاج رٿ فائو ڪرڻ شروع ڪيو هيو اهي Bacilus Micro-bacterium leprae جي بيماري جا شڪار هوندا هيا جيڪي چمڙي هيٺان انساني جسم ۾ tissues ۽ Nerves کي تباهه ڪري ڇڏيندا آهن. ڊاڪٽر رٿ ڪوڙهه جي مرض سان گڏ تپِ دق جي مريضن لاءِ به پاڪستان ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو.

پاڪستان جهڙي غريب ملڪ ۾ پنهنجي نيڪ مقصد جي پورائي لاءِ ڊاڪٽر رٿ فائو باقاعدگي سان جرمني ۽ ٻين ملڪن کان امداد وٺي ڪوڙهه جي موذي مرض خلاف ثابت قدمي سان مقابلو ڪندي رهي. هن وقت به رٿ فائو جي اداري جو اڌ خرچ West Germany Leprosy Relief ادا ڪندو آهي جيڪو 1961ع کان سندس مقصد کي سهائتا ڪندو رهندو آهي. وقت سان گڏوگڏ جيئن جيئن ڪم وڌندو ويو تيئن تيئن ڪوڙهه جي علاج جا ننڍا وڏا سينٽر پاڪستان جي هر علائقي ۾ کوليا ويا جن ۾ ڊاڪٽر رٿ فائو باقاعدگي سان مريضن وٽ پاڻ تپاس ڪندي رهندي هئي. هن وقت پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪوڙهه جي علاج متعلق اسپتالون، سينٽر ۽ سهولتون موجود آهن جنهن ڪري پاڪستان ۾ ڪوڙهه جو مرض پنهنجي پڄاڻين تي ليکيو وڃي ٿو.

1970ع ۾ رٿ ڪوڙهه جي ٽيڪنيشنن لاءِ تربيتي پروگرام شروع ڪيا. پاڪستان جي چئن صوبن ۾ ڪوڙهين متعلق سروي ڪائي اتي ضرورت آهر معالجي مرڪز وڌايا. پنهنجي ان جدوجهد جي دوران رٿ ڪشمير، افغانستان ۽ ٻين علائقن جا به دورا ڪيا اتان مريض وٺي آهي. ان جدوجهد ۽ سفر ۾ سندس مٿان ڪيترائي ڀيرا فائرنگ ڪئي وئي، ماڻهو وڙهيس، ڪتن ڏاڙهيو، ٻوڏ ۾ ٻڏندي ٻڏندي بچي، برفيلي تودن ۾ هيٺان ايندي ايندي بچي پر هن عظيم عورت جي همت ۾ گهٽتائي ڪونه آئي پنهنجو خواب ساڀيان ڪري ساهه پٽيائين.

هن وقت پاڪستان ۾ نيشنل لپروسي ڪنٽرول پروگرام جو بيشمار اسپتالون ۽ سينٽر پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن جتان هزارين مريض صحتياب ٿي جذام جي جهنم مان آزادي حاصل ڪري صحتمندي جي زندگي گزاري رهيا آهن. هن وقت ڪراچي ۾ ننڍڙي جهڳي جي جاءِ تي ميري ايڊيليڊ لپروسي سينٽر جي 8 منزله شاندار عمارت پاڪستان ۾ ڪوڙهه جي مريضن لاءِ ڀروسي واري جنت جي حيثيت رکي ٿو. سسٽر رٿ فائو جو پاڪستان کي ڪوڙهه کان آجي ڪرڻ واري خواب تڏهن خوشنما تعبيرماڻي جڏهن 1996ع ۾ ڊبليو ايچ او پاڪستان کي Leprosy-free society قرار ڏنو. واضع رهي ته پوري ايشيا اندر ان ڏس ۾ هي پهريون ملڪ آهي. رٿ فائو انسانن جي صحتمندي جي هاڃيڪار روين خلاف سموري ڄمار وڙهاند ڪري انهن کي پسپا ڪنديون رهيون پر سماج جون هزارين منفي قوتون گڏجي به سندس حوصلن جي اورچائي کي ڪڏهن ڇهي نه سگهيون.

Dr pfu

سسٽر رٿ فائو پاڪستان ۽ افغانستان ۾ ڪوڙهه متعلق ڪيل پنهنجي جدوجهد تي جرمن زبان ۾ چار ڪتاب لکيا آهن جن هڪ To Light A Candle جو 1987ع ڌاري انگريزي زبان ۾ ترجمو ٿيو آهي. سندس انگريزي ۾ لکيل آتم ڪٿاServing the Unserved جو اردو ۾ ترجمو ڊاڪٽر ضيا مطهر ڪيو آهي. کيس انساني خدمت جي جدوجهد جي اعتراف طور بيشمار اعزاز ۽ ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن. 1988ع ۾ کيس پاڪستان جي شهرت ڏني وئي. 1969ع ۾ ستاراءِ قائدِ اعظم، 1979ع ۾ پاڪستان جي مرڪزي وزارتِ صحت ۽ سماجي ڀلائي واري وزارت ڪوڙهه متعلق حڪومتِ پاڪستان اعزازي صلاحڪار مقرر ڪيو. ان سال ئي کيس هلالِ امتياز سان نوازيو ويو. 23 مارچ 1989ع ۾ کيس هلالِ پاڪستان ايوارڊ ڏنو ويو. 2003ع ۾ جناح سوسائٽي پاڪستان طرفان جناح ايوارڊ ڏنو ويو. 2004ع ۾ روٽري ڪلب ڪراچي وارن کيس لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ ڏنو. 2004ع ۾ ئي آغا خان يونيورسٽي وارن ڊاڪٽر آف سائنس (D.Sc) جي اعزازي ڊگري ڏني. 2006ع ۾ صدرِ پاڪستان لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ ڏنو. 12 مارچ 2010ع تي ڊائود ڪيپيٽل مئينجمنٽ لميٽيڊ وارن ليڊيز فنڊ آف دي ييئر جي شيلڊ ڏني. ساڳو اعزاز کيس 12 فيبروري 2011ع تي به مليو. 14 آگسٽ 2010ع ۾ پاڪستان جو تمام وڏو سول ايوارڊ نشانِ قائدِ اعظم ڏنو ويو. 23 مارچ 2011ع تي صدرِ پاڪستان کيس نشانِ قائدِاعظم جو ايوارڊ ڏنو.

اهڙي ريت کيس انساني خدمتن جي اعتراف طور کيس بيشمار بين الاقوامي اعزازات پڻ مليا آهن جن مان ڪجهه هيٺين ريت آهن. 1968: The Order of the Cross from Germany. 1985: The Commanders Cross of the Order of Merit with Star from Germany. 1991: Damien-Dutton Award from USA. 1991: Osterreischische Albert Schweitzer Gasellschaft from Austria. 2002: Ramon Magsaysay Award from Government of Philippines. 2003: The Jinnah Award from the Jinnah Society Pakistan. 2004: Honorary Degree of Doctor of Science (D.Sc.) from Aga Khan University. 2005: Marion Doenhoff-Prize, Germany. 2006: Woman of the Year 2006 Award by City FM89. 2009: Nesvita Women of Strength Awards

About Asghar Azad

Check Also

غربت جو خاتمو چاهيون ئي نه ٿا،سکڻيون دانهون ڪرڻيون آهن

Share this on WhatsAppغربت جو خاتمو چاهيون ئي  نه ٿا،سکڻيون دانهون ڪرڻيون آهن! – اصغر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *